علم جو مفهوم ۽ اسان جو ڪردار

تحرير گلشن سنڌو

چوندا آهن ته جنهن معاشري کي ملڪ کي رياستن کي  تباه ڪرڻو هجي ته انهن کان تعليم کسيو ته اها قوم جانور بنجي ويندي جيڪا هڪٻئي کي وڙهي ڍانگو ڪرڻ ۾ جنبي ويندي  جيئن ان جو خيال معاشي استحڪام ۽ ترقيء ڏانهن نه ويندو آهستي آهستي اها قوم  ترقي يافته ملڪن جي فهرست مان ازخود پرڀرو ٿي هڪ ڪمزور وجود سان جيئڻ لڳندي جيڪو اخلاقي اوڻايون ۽معاشي تباهيء جو ڪارج پڻ بنجندو جنهن ڪري ترقيء جو ڍانچو به ڪمزور ٿي وڃي ٿو.اڄ کان هزارين سال پهريائين جڏهن اسلام جو نزول ٿيڻ شروع ٿيو تڏهن اسان جي پياري نبي حضرت محمد صه تي وقت به وقت وحي نازل ٿيندي رهي پاڻ صه تي پهرئين وحي نازل ٿي جيڪاسورت العلق هئي جنهن جو پهريون لفظ ئي علم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جو هڪ وڏو ۽ اهم ثبوت هجڻ سان گڏ حياتي گذارڻ لاء هڪ مڪمل ضابطه حيات آهي” اقراء” يعني “پڙھ” هن سورت جي روشنيء ۾ علم جي روشنيء  اهميت ۽ افاديت جي تفصيلي بيان آهي يعني اسلام اڄ کان هزارين سال پهرئين ئي علم جي اهم هجڻ جو چٽو ۽ واضع ثبوت فراهم ڪيو ٻنهي جهانن جي سردار آنحضرت محمد صه فرمايو ته پينگهي کان وٺي قبر تائين علم حاصل ڪريو علم پرايو پوء ڀلي علم پرائڻ لاء  توهان چين ڇونه وڃڻو پوي پر علم ضرور حاصل ڪيو ڇوته علم جي پياس اندر منجھ اتساھ ۽ اڻ لڀ خزانا وجود اندر سميٽي هڪ علم جو خزانو جوڙي ٿي علم جي خواهش ۽ طلب رکندڙ انسان معاشري جو اهم ڪردار هوندا آهن علم جي لفظي معني آهي ڄاڻ ۽ ڄاڻ وري هڪ مضبوط طاقت  ھوندي آهي جنهن وٽ علم هوندو تنهن وٽ ڄاڻ جو خزانو هوندو ۽ جنهن وٽ ڄاڻ خزانو هوندو اهو ذهن پنهنجي ڄاڻ وسيلي هر شعبي ۾ ڪاميابي ء سان همڪنار هوندو ذهني اوسر سان گڏ دور حاضر جا موضوع , دور حاضر جون حالتون سمجهي, انکي سلجهائڻ ۽ ان جي حل لاء به فائديمند ثابت ٿئي ٿو تعليمي يافته ذهن طاقت جو سرچشمو هوندو آهي جيئن ته تعليم اسان جي معاشري جو اهم جزُ هجڻ سان گڏ اسان جي زندگيء ۾ پڻ اهم ڪردار ڪري ٿي تعليمي يافته فرد نه صرف مضبوط معاشرو تشڪيل ڏيندا آھن بلڪه پرامن, پر اميد راه پڻ ھموار ڪندا آهن  تعليم نه صرف انسان جو زيور آهي بلڪه انسان جي ٽين اک , يعني ڄاڻ, معلومات, عقل ۽ شعور جي اک ,جيڪا انساني شعور کي اهو شعور عطاڪري ٿي جيڪو سندس لاشعور جي پردي سان ڍڪيل ۽ ڳجهو هوندو آهي تعليم کي وڌيڪ هٿي وٺائڻ لاء ڪجھ پهلوئن تي عمل به لازمي ٿيو پوي. تعليم لاء متحرڪ رهڻ صرف علم پرائي ڪنهن هڪ مقصد حاصل ڪرڻ تائين ,هڪ هنڌ هڪ جاء تي ويهي رهڻ تعليم جو مقصد ناهي بلڪه تعليم کي وڌيڪ ترقي ڏيارڻ لاء متحرڪ رهڻ لازمي آهي ته تعليمي ادارا قائم ڪرڻ سان گڏ تعليمي ورڪشاپ ڪرائڻ ۽ اهڙيون تنظيمون پڻ جوڙيون وڃن جيڪي نج  تعليمي ترقي لاء هر وقت ڪوشان هجن تعليمي ڪانفرنسز ڪرائڻ ,ٻين کي به تعليم ڏيارڻ لاء انفرادي ۽ اجتماعي طرح ھر دم تيار ۽ متحرڪ هجن.تعليم ۽ والدين جو ڪردارتعليم جي ترقي ۽ واڌاري جو دارومدار بنيادي پهلوئن تي آهي ۽ بنيادي پهلو والدين جي ذميواري آهي ته اهي نه صرف ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن بلڪه پاڻ به ڄاڻ رکن جيڪا بنيادي هجي اها ڄاڻ فراهم ڪن جيئن سندن سمجھ,شعور جي سگھ کي وڌيڪ مضبوط ڪن جيئن اهي باشعور خاندان تخليق ڪن تنهن ڪري والدين تي اهو واجب ٿئي ٿو ته هو پنهنجي مصروفيتن مان ٽائيم ڪڍي ٻارن جي تعليمي سرگرمين کي ڏسن ٻارن جي سولائيء لاء ھڪ وقتي ورهاڱو يعني ٽائيم ٽيبل ٺاهيو وڃي ته جيئن هر شي پنهنجي وقت آهر آسانيء سان ٿي سگهي.تعليم ۽ مئنجمينٽ جو ڪردارتعليم جي فروغ لاء اسان وٽ تعليمي ادارا ته ڪافي آهن پر اسان کي پوء انهن مان حاصل مطلب ناهي مليو تعليمي ادارن کي صرف ڪمائيء جو ذريعو نه بنائجي بلڪه سچائي ۽ اورچائي سان تعليم لاء خدمتون سرانجام ڏيڻ هڪ اصول پرست مئنجمينٽ جو اصول هوندو آهي تنهن ڪري جيستائين مئنجمينٽ پنهنجو فعال ڪردار ادا نه ڪندي تيستائين ادارا پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪري نه سگهندا ان ڏس ۾ قابل, ذهين ۽ معلومات جا ڪوڏيا استاد اگر ادارن ۾ فعال ڪردار ادا ڪندا ته پوء تعليم اسرڻ لڳندي ادارن ۾ نظم و ضبط جو ماحول پيدا ڪرڻ به مئنجمينٽ جي ذميواري آهي. تعليم ۽ استاد جو ڪردارتعليمي ترقيء ۾ استاد وڏي حيثيت رکي ٿو ڪو دور پٽي ۽ سليٽ جو دور هو اسان به ان دور جي پئداوار آهيون پر اسان دور حاضر جي گهڻن جي به نسبت  تعليمي لحاظ کان سٺا آهيون ان جو سبب شايد اسان جا استاد آهن سٺي استاد هجڻ لاء رڳو ڪورس شيڊول پورو ڪرائڻ ناهي هوندو بلڪه ٻارن جي نفسيات کي سمجهندي دڙڪن ۽ دلاسن سان پڙهائڻ ئي ڪامياب استاد جي نشاني آهي قابل ۽ ذھين استاد صرف پنهنجي فرض جي ادائگيء کي اوليت ۽ اهميت ڏيندا آهن.تعليم ۽ شاگرد جو ڪردارتعليم جو اهم جزُ يڪو “شاگرد” هوندو آهي جيڪو والدين,استاد وچ ۾ ھڪ خاص رشتو جوڙي ٿو ٻار جي پهرئين درسگاه ماء جي هنجھ ۽ پهرئين اخلاقي درسگاه سندس گهر جو ماحول آهي اگر گهر ۾ جهيڙي جهٽي جو ماحول هوندو ته ٻار به رڳو ڄنڊا پٽ جو ڳالهيون سکندا اگر توهان ٻارن کي ڪتابن جو ماحول ڏيندو ته ٻار باشعور ۽ صوبر طبيعت جو مالڪ بڻجندو گهر ۾ سٺو ماحول ڏيڻ سان گڏ اسڪول کان گهر ايندڙ ٻار جي تعليمي سرگرمين جو پڻ دهراء ڪرايو وڃي هڪ سٺي شاگرد بنجڻ لاء پڙهڻ جو شوق هجڻ سميت محنتي استاد, ۽ زميوار والدين, به ذهين معاشرو تشڪيل ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.بهترين تعليم جون گهرجون تعليمي ترقي ۾ بهترين نتيجا حاصل ڪرڻ لاء وڌ کان وڌ تعليمي سرگرميون ڪرائڻ گهرجن ان سلسلي ۾ ڪوئيز پروگرام ڪرائڻ گهرجن تاريخي ڪردارن تي ٽيبلو وغيره ڪرايا وڃن ثقافت بابت ڄاڻ ڏيندڙ پرفارمنس ڪرائي وڃي نه صرف تعليمي ادارا قائم ڪيا وڃن بلڪه انهن ادارن ۾ قابل ۽ ذهين استاد مقرر ڪرڻ سان تعليم کي هٿي ۽ وڌيڪ ترقي ڏياري سگهون ٿا تعليمي ادارن ۾  دور جديد جي ضرورت ڪمپيوٽر ليب سميت هر تعليمي اداري ۾ لائبريري لازمي قائم ڪئي وڃي جيئن شاگرد وڌيڪ علمي ادبي لاڀ حاصل ڪري سگهي تعليم جو معاشري ۾ اهم ڪردار آهي ۽ ان ڪردار کي اڃان به وڌيڪ مضبوط ۽ فعال بنائڻ ۾ به ڪي ڪردار , اهم ڪردار ادا ڪن ٿا اھي ڪردار آهن, شاگرد, والدين, استاد ۽ مئنجمينٽ.مستقبل جي معمارن جي روشن آئيندي لاء ھر ڪنهن کي پنهنجو پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ان عمل سان ئي اسان ڪي نوان گس نيون راهون جوڙي سگهون ٿا

پهنجو تبصرو موڪليو