ٻين شهرن کان حيدرآباد ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح وڌيڪ

ٻين شهرن کان حيدرآباد ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح وڌيڪ

حيدرآباد(بيورو رپورٽ)ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪورونا  وائرس مثبت  ڪيسن جي شرح حيدرآباد ۾ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. صحت واري وزارت مطابق گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪورون وائرس مثبت شرح 33.51 سيڪڙو حيدرآباد ۾ رڪارڊ ڪئي وئي آهي  جڏهن ته ميرپور آزاد ڪشمير ۾ 25 سيڪڙو مثبت ڪورونا وائرس جي شرح  رڪارڊ ڪئي وئي آهي.صحت واري وزارت موجب پشاور ۽ مظفر آباد ۾ 17.89 سيڪڙو جي مثبت شرح هئي ، جڏهن ته ڪراچي 12.63 سيڪڙو سان ملڪ ۾ پنجين نمبر تي آهي.ان کان علاوه گوجرانوالا ۾ سڀ کان گهٽ شرح 1.16 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.صحت واري وزارت موجب  اسلام آباد 5.52 سيڪڙو  ڪوئيٽا 5.01 سيڪڙو ۽ لاهور 3.93 سيڪڙو  ڪورونا ڪيسن جي شرح رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو