حيدرآباد(بيورو رپورٽ)ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪورونا وائرس مثبت ڪيسن جي شرح حيدرآباد ۾ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. صحت واري وزارت مطابق گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪورون وائرس مثبت شرح 33.51 سيڪڙو حيدرآباد ۾ رڪارڊ ڪئي وئي آهي جڏهن ته ميرپور آزاد ڪشمير ۾ 25 سيڪڙو مثبت ڪورونا وائرس جي شرح رڪارڊ ڪئي وئي آهي.صحت واري وزارت موجب پشاور ۽ مظفر آباد ۾ 17.89 سيڪڙو جي مثبت شرح هئي ، جڏهن ته ڪراچي 12.63 سيڪڙو سان ملڪ ۾ پنجين نمبر تي آهي.ان کان علاوه گوجرانوالا ۾ سڀ کان گهٽ شرح 1.16 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.صحت واري وزارت موجب اسلام آباد 5.52 سيڪڙو ڪوئيٽا 5.01 سيڪڙو ۽ لاهور 3.93 سيڪڙو ڪورونا ڪيسن جي شرح رڪارڊ ڪئي وئي آهي.










