القاعده جو اڳواڻ ايمن الظواهري افغانستان ۾ فوت،عرب ميڊيا

يواي اِي(ويب ڊيسڪ) عرب ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته القاعده جو اڳواڻ ايمن الظواهري افغانستان ۾ فوت ٿي  ويو آهي. عرب نيوز  جي رپورٽ مطابق  ته ايمن الظواهري دم جي بيماري ۾ مبتلا هو ۽ ڪجهه وقت کان بيمار هو.هو گذريل هفتي غزني ۾ فوت ٿي ويو. رپورٽ مطابق ايمن الظواہري جي عمر 69 سال ۽ سندس تعلق مصر سان هو آخري ڀيرو سيپٽمبر 2020 ۾ 9/11 جي موقعي تي هن جو وڊيو پيغام آيوهو. آمريڪي عملدارن جو چوڻ آهي ته انهن کي الظواہري جي موت جي خبر ملي آهي پر ان جي تصديق يا ترديد نٿا ڪري سگهون. ياد رکڻ گهرجي ته اسامه بن لادن جي موت کان پوءِ بين الاقوامي دهشتگرد تنظيم القاعده جي قيادت تي ايمن الظواہري قبضو ڪري ورتو هو ۽ هو انهن جو ويجهو ساٿي هو. تازو ئي  آمريڪي ميڊيا اها دعويٰ ڪئي ته اسرائيل جي ايجنٽن عبدالله احمد عبدالله  جيڪو ايران ۾ هڪ ڪارروائي دوران  القاعده جو ڊپٽي سربراه ابو محمد المصري جي نالي سان پڻ مشهور هو جيڪو مارجي چڪو آهي.آمريڪي عملدارن اسامه بن لادن جي پٽ حمزا جي موت جي به دعويٰ ڪئي آهي. آمريڪي ميڊيا انٽيليجنس ذريعن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته ابو محمد المصري  القاعده جو ٻيو ڪمانڊر آگسٽ ۾ تهران ۾ هڪ موٽرسائيڪل تي سوار  ٻن اسرائيلي ايجنٽن پاران فائرنگ ڪري ماريو ويو هو.ابو محمد المصري سان گڏ هن جي بيوه ڌيءَ کي به قتل ڪيو ويو ابومحمد المصري جي ڌيءُ حمزه بن لادن جي زال هئي جيڪو القاعده جي ليڊر اسامه بن لادن جو پٽ هو.

پهنجو تبصرو موڪليو