پنج ڏوهاري گرفتار، ايس ايس پي جي دعويٰ

پنج ڏوهاري گرفتار، ايس ايس پي جي دعويٰ

نوشھرو فيروز(رپورٽ منظور ملڪ)ڀرياسٽي ايس ايس پي نوشھرو فيروز الطاف حسين  لغاري جي ڀريا سٽي ٿاڻي تي پريس ڪانفرنس دوران  مختلف وارداتن ۾ ملوث  گروھ جا 5 جوابدار مختلف ھٿيارن سان گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي آھي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي نوشھرو فيروز الطاف لغاري جو چوڻ ھو ته جوابدار جمشيد  پير بخش ڏھيو، اختيار ڏھيو، شير علي ۽ سخاوت ڏھيو مختلف ڦرن جي وارداتن سميت خانگي ٽي وي چئنل جي رپورٽر کان موٽر سائيڪل ڦر جي ڪوشش سميت ٻين ڏوھي وارداتن ۾ ملوث ھئا. هن چيو ته گرفتار جوابدارن خلاف مختلف قلمن تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آھن. هن چيو ته ضلعي جي سمورن ايس ايڇ اوز کي هدايت ڪئي آهي ته ڏوھارين خلاف ڪارروايون تيز ڪن ۽ جوابدارن کي ڪنھن به صورت ۾ بخش نـه ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو