وفاق پاران ڪورونا وبا سبب لاڪ ڊائون جو اشارو

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) وزير اعظم جي خاص صلاحڪار فيصل سلطان ٻڌايو آهي ته ڪورونا جي وبا جي لهر ٻيهر اڀري رهي آهي، ايندڙ ٻه هفتا خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فيصل سلطان چيو ته پابندين ۽ ڪاروبار بند ڪرڻ کان بچڻو آهي ته ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن ايس او پيز تي عمل نه ڪيو ويو ته ڪاروبار ۽ صنعتون بند ڪيون وينديون ۽ ملڪ ۾ ٻيهر لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو