ڪشمور(رپورٽر)ڪشمور ۾ ڊسٽرڪٽ فنڪار اتحاد ڪشمور طرفان گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ متحد ٿي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو ته ڪشمور آرٽ ڪائونسل جي جلد کان جلد رجسٽريشن ڪرائي ضلعي جي فنڪارن اداڪارن ۽ فنون لطيفه جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ آرٽسٽس کي متحد رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو ۔ اجلاس جي صدارت افق بشير چنا ڪئي ڪنڌ ڪوٽ کان آيل وفد سرپرست اعلیٰ ذوالفقار اترادي جي سرپرستي ۾ شرڪت ڪئي آرگنائيزر راجيش گل ثناء الله ميراڻي، داد لاشاری شامل هئا۔ڪشمور کان ممتاز شاد سولنگي۔ علي حسن سومرو راجا جان بلوچ ڄام اصغر چاچڙ، پانڌي خان چاچڙ شرڪت ڪئي ۽ ڪشمور ۾ جلد هڪ اصلاحي اسٽيج ڊرامو پڻ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو۔جنهن جا آرگنائيزرز استاد افق بشير چنا داد لاشاري۔ علي حسن سومرو هوندا ۔تاريخ جو اعلان جلد ڪيو ويندو.










