ڳڙهي ياسين (شفيق مهر ) ڳڙھي ياسين ۾ قبائلي تڪرار تيز بروهي ۽ ڪاڪيپوٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار تان جهيڙو فائرنگ هڪ ڄڻو قتل ڌريون مورچابند ٿي ويون. ڳوٺ مارون ڪاڪيپوٽا ۾ بروهي ۽ ڪاڪيپوٽا برادري جي ٻن ڌرين خان محمد بروهي ۽ ابراهيم ڪاڪيپوٽو ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان بروهي برادري جي 10 کان وڌيڪ هٿياربندن ڳوٺ مارون ڪاڪيپوٽا ٻاهران زمين تي ڪم ڪندڙ ڪاڪيپوٽا ڌر جي ماڻهون مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو خالد ڪاڪيپوٽو ٿڏي تي مارجي ويو اطلاع تي ڪاڪيپوٽا ڌر جا هٿياربند واقعي واري هنڌ پهچي ويا ٻنهي ڌرين ۾ اڌ ڪلاڪ تائين هلندڙ فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڇائنجي ويو. جڏهن ته بروهي ڌر جا هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا اطلاع تي ايس ايڇ او ڳڙهي ياسين ڳوٺ مارون ڪاڪيپوٽا پهچي مارجي ويل جو لاش کڻائي ڳڙهي ياسين اسپتال اندو جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ٻنهي ڌرين ۾ 6 سال اڳ چوري جي مامري تان خوني تڪرار شروع ٿيو هو جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا هن وقت تائين 15 ماڻهون مارجي چڪا آهن.
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب راند شروع نه ٿي سگهي
پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،ايڪس
منشيات فروشن خلاف ڪاروايون، گرفتاريون، سامان ضبط
نيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا انتظام مڪمل
پارليمنٽ گڏيل اجلاس،صدر جو خطاب،اپوزيشن جو احتجاج
پي ٽي آءِ وارن سان ملڪ دشمن جهڙو ورتاءُ ٿيڻ گهرجي: خواجا آصف
اڊيالا جيل ۾ دهشتگرد حملي جو خدشو ظاهر
عدالتي معاملن ۾ مداخلت، بار جو سپريم ڪورٽ سان رابطو
قادر پٽيل جي ڪاميابي چئلينج، عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا
نواز شريف چوندو آهي ته پاڙيسري سان نه وڙهڻ گهرجي: مريم نواز
پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا مضبوط آهن، رپئي جو قدر نه گهٽبو
9 مئي سانحي وارا اڄ ملڪي مفاد تي حملا پيا ڪن: تارڙ
ڪي پي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ کان پوءِ ڊينگي پکڙجڻ جو امڪان
پرويز خٽڪ پاران پ پ ۾ شموليت لاءِ ڪوششون تيز
مدي خارج آءِ ڊي ڪارڊن تي جاري سمون بند ڪرڻ جو حڪم
پنجاب ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي استعمال تي پابندي لاڳو
دهشتگردي خلاف پاڪستان جي حمايت ڪريون ٿا: آمريڪا