ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)هٿياربندن هٿان قتل ٿيل مولانا عادل جي جنازي نماز جامعه فاروقيه حب ريور روڊ تي ادا ڪئي وئي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي.مرحوم کي گذريل رات شاهه فيصل ڪالوني ۾ مٺائي جي دوڪان وٽ گاڏي روڪي لٿو ته هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو ۽ حملي ۾ سندس ڊرائيور به مارجي ويو هو. مولانا عادل خان جي جنازي نماز جامعه فاروقيه حب ريور روڊ فيز ٽو ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ عالمن سوڌو شاگردن، عقيدت مندن سوڌو ٻين زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، مولانا عادل جي جنازي نماز ۾ عالم دين مفتي محمد تقي عثماني، مفتي محمد رفيع عثماني، مولانا حنيف جالندري، سينيٽر عبدالغفور حيدري، مولانا راشد محمود سومرو، جامعه بنوريه مفتي نعمان ۽ حافظ نعيم الرحمان جي قيادت ۾ جماعت اسلامي جي وفد به شرڪت ڪئي، مولانا عادل خان کي مدرسي جي حد ۾ والد مولانا سليم الله خان جي ڀر ۾ دفنايو ويو. ڪراچي پوليس چيف چيو آهي ته موٽرسائيڪل تي 3 جوابدار سوار هئا، هڪ موٽرسائيڪل تان لهي گاڏيءَ تي فائرنگ ڪئي، جڏهن ته مولانا جي قتل جي سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ سامهون اچي وئي آهي ۽ جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. مولانا جي هڪ ويڊيو ڪلپ به وائرل ٿي آهي جنهن ۾ هو چوي ٿو ته فوج جي توهين تي قانون ٺاهيو ٿا ماڻهن کي گرفتار به ڪريو ٿا پر پيغمبر اسلام جي توهين تي خاموش رهو ٿا.










