مولانا عادل جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي، حملي جا فوٽيج هٿ

مولانا عادل جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي، حملي جا فوٽيج هٿ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)هٿياربندن هٿان قتل ٿيل مولانا عادل جي جنازي نماز جامعه فاروقيه حب ريور روڊ تي ادا ڪئي وئي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي.مرحوم کي گذريل رات شاهه فيصل ڪالوني ۾ مٺائي جي دوڪان وٽ گاڏي روڪي لٿو ته هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو ۽ حملي ۾ سندس ڊرائيور به مارجي ويو هو. مولانا عادل خان جي جنازي نماز جامعه فاروقيه حب ريور روڊ فيز ٽو ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ عالمن سوڌو شاگردن، عقيدت مندن سوڌو ٻين زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، مولانا عادل جي جنازي نماز ۾ عالم دين مفتي محمد تقي عثماني، مفتي محمد رفيع عثماني، مولانا حنيف جالندري، سينيٽر عبدالغفور حيدري، مولانا راشد محمود سومرو، جامعه بنوريه مفتي نعمان ۽ حافظ نعيم الرحمان جي قيادت ۾ جماعت اسلامي جي وفد به شرڪت ڪئي، مولانا عادل خان کي مدرسي جي حد ۾ والد مولانا سليم الله خان جي ڀر ۾ دفنايو ويو.  ڪراچي پوليس چيف چيو آهي ته موٽرسائيڪل تي 3 جوابدار سوار هئا، هڪ موٽرسائيڪل تان لهي گاڏيءَ تي فائرنگ ڪئي، جڏهن ته مولانا جي قتل جي سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ سامهون اچي وئي آهي ۽ جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. مولانا جي هڪ ويڊيو ڪلپ به وائرل ٿي آهي جنهن ۾ هو چوي ٿو ته فوج جي توهين تي قانون ٺاهيو ٿا ماڻهن کي گرفتار به ڪريو ٿا پر پيغمبر اسلام جي توهين تي خاموش رهو ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو