فورم جي سالگرهه، شهرين جي خدمت جو عزم

فورم جي سالگرهه، شهرين جي خدمت جو عزم

سانگھڙ (رپورٽ ذوالفقار شاھ) پيرومل نوجوان فورم پاران ٻي سالگره ملھائي وئي جنهن ۾ شھرين ۽ معززين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي پيرونمل نوجوان فورم جي چيئرمين مڪيش ڪمار جو چوڻ ھو ته اسان سياست کان ھٽي ڪري پنهنجو ڪم ڪري رھيا آھيون فورم جي صدر مرتضيٰ خاصخيلي جو چوڻ ھو ته ھن فورم جو مقصد  پيرونمل جي عوام ۾ شعور ۽ تعليم اجاگر ڪرڻ آهي  لاڪ ڊائون  کان ھن وقت ٻوڏ جھڙي صورتحال ۾ اسان پنهنجو ڪم ڪري رھيا آھيون تقريب کي خطاب ڪندي جنرل سيڪريٽري ڪمار پير بخش ڀنڀرو اصغر مري ٻين جو چوڻ ھو ته ھن وقت اسان جو فورم پيرونمل جي نوجوانن ۾ ڇائنجي ويو آھي بعد ۾ مڪش ڪمار ھريش ڪمار ڪاشف ڪريم جوڻيجو پيرومل نوجوان فورم جي جوائنٽ سيڪريٽري روي ڪمار تي اعتماد ڪندي شموليت اختيار ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو