ڀڳت ريشم، دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس!امجد عاجز منگي

ڀٽائي گهوٽ جي بقول ته ’’هي دنيا مانجهاندي جو ماڳ آهي‘‘ پر سندن اهو چوڻ به آهي ته ’’دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس‘‘ ۽ اهي شخصيتون ۽ ادارا اڄ به زنده ۽ جاويد آهن. جن هن دنيا ۾ پنهنجي زندگي ٻين جي ڀلائي، بهتري يا قوم جي اجتماعي مفادن خاطر گهوري ڇڏي. مقصودي رند جو فقير منش، محبتي ماڻهو، انسانيت ۽ سنڌيت سان عشق جي حد تائين پيار ڪندڙ، سڄي حياتي سورن سان جهيڙيندڙ، سياسي، سماجي ۽ هاري اڳواڻ ڀڳت ريشم به اهڙن ئي مڻيادار انسانن مان هڪ هو. جيڪو هاڻ هن دنيا کان دور هليو ويو آهي! . ڀڳت ريشم جو اصل نالو رحميو ڀيل هو. جيڪو 1958ع ڌاري مقصودي رند لڳ ڳوٺ بخش علي رند ۾ ڀڳت اوڪڙئي ڀيل جي گهر ۾ ڄائو. هن ٻاراڻي وهيءَ ۾ مال چاريو ۽ مائٽن سان گڏ هارپي جو ڪم ڪرڻ سميت ٻيا ننڍا وڏا پورهيا پڻ ڪيا. تيرنهن چوڏهن سالن کان پوءِ هن درزڪو ڪم سکيو پوءِ ڪيترو وقت گهر ۾ درزڪو ڪم ڪندو رهيو ۽ والد جي وفات بعد ڳوٺ مان لڏي ڀر واري شهر مقصودي رند ۾ اچي رهيو ۽ اتي درزڪو ڪم ڪندو رهيو. اتي رهڻ دوران سندس تعلق مختلف سياسي سماجي ڪارڪنن استاد مير دوست رند، فقير محمد يوسف ڏاهري ۽ ٻين سان رهيو ۽ سندن صحبت ۾ هو سياسي جلسن، مظاهرن ۽ ٻين پروگرامن ۾ وڃڻ لڳو. پوءِ جلد ئي هو سنڌي عوامي تحريڪ جو متحرڪ ڪارڪن ٿي ويو. ان بعد ئي هو رحميو ڀيل مان ڀڳت ريشم بڻيو. ڀڳت ان ڪري به ٿيو جو ننڍي هوندي کان پنهنجي پيءُ سان ڀڳتي رنگ ۾ پڻ رهيو. سياسي دوستن جي ڪچهرين کيس پڪو انقلابي بڻائي ڇڏيو. جنهن جي شروعات هن پاڻ سان گڏ پنهنجي گهر کان ڪئي. سنڌ جي مشهور قومپرست اڳواڻ ۽ دانشور عبدالواحد آريسر جنرل ضياء دور ۾ ڪوڙا کائي ڊگها جيل ڪٽي آزادي ماڻي تڏهن اعجاز منگي ۽ امبرين هيسباڻي سندس ڳوٺ پهچي کائنس پهريون انٽرويو ڪيو هو. جيڪو ان وقت ڪاوش مئگزين ۽ بعد ۾ آريسر صاحب جي انٽرويو جي هڪ ڪتاب ۾ به آيل آهي. تنهن ۾ هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو هو ته ’’ سنڌ جو اهم مسئلو اهو آهي ته سنڌ جي هر گهر ۾ سياست ايئن ڪاهي پئي آهي جيئن ٻوڏ جو پاڻي، ڇاڪاڻ ته اسان جي سمورن سورن جو علاج سياست کي سمجهڻ ۽ ان ۾ عملي شموليت سان آهي‘‘. ڀڳت ريشم آريسر صاحب جي ان سوچ جو عملي مظهر هو. هو پاڻ عوامي تحريڪ، هاري تحريڪ، مزدور تحريڪ، ڀيل سجاڳ تحريڪ جو تعلقي، ضلعي ۽ مرڪز جي مختلف عهدن تي رهيو ۽ وفات وقت به هو عوامي تحريڪ طرفان ضلعي سانگھڙ جو ليگل ايڊوائيزر ۽ سنڌي هاري تحريڪ ضلعي سانگھڙ جو سرگرم ميمبر هو.

Photo by writer

سندس گهرواري پريمي ڀيل هن وقت عوامي تحريڪ ضلعي سانگھڙ جي ميمبر آهي. سندس وڏو پٽ سارنگ راجا سجاڳ ٻار تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري آهي ننڍو پٽ ڀڳت پهلاج سجاڳ ٻار تحريڪ جو ضلعي اڳواڻ ۽ ننڍي ڌيءَ ۽ منهنجي شاگردياڻي جوتي به سجاڳ ٻار تحريڪ سان لاڳاپيل آهي. جوتي قومي ۽ انقلابي گيت ڳائڻ ڪري سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي. ڀڳت ريشم جو ٻيو وڏو ڪم اولاد کي تعليم ڏيارڻ آهي. محترم رسول بخش پليجي سان ويجهي تعلق ٿيڻ بعد هن کيس اهو تاڪيد ڪيو ته  اولاد کي پڙهائي. انتهائي غريب هجڻ جي باوجود هن ٽنهي ٻارڙن کي پڙهايو. وڏو پٽ سارنگ راجا جيڪو وڏو وقت پليجي صاحب سان گڏ حاضري ۾ رهيو اهو هن وقت انٽر ڪري چڪو آهي. ننڍو پٽ ڀڳت پهلاج به ڪاليج ۾ پڙهندڙ آهي. ننڍي جوتي مقصودي رند جي مشهور تعليمي اداري المهراڻ انگلش ميڊيم اسڪول ۾ خاص طور منهنجي والد عاجز منگي جي نگرانيءَ ۾ ڪلاس پنجين تائين پهتي آهي. هن پنهنجي اڻ پڙهيل گهر واريءَ کي به پليجي صاحب جي هدايت تي اکرن جي ابتدائي سڃاڻپ ڪرائي. جنهن کي ڏسي يا ٻڌي ڪير به اهو نه چوندو ته هي ڪا اڻپڙهيل عورت آهي. سندس زندگيءَ جو ٽيون پاسو ڀڳتي رنگ آهي. عملي زندگيءَ ۾ هو تمام سادو، گھٽ ڳالهائو ۽ هر طبقي جي ماڻهن ۾ مقبول هو. ڀڳتي سفر ۾ سندس ڪيترائي پوئلڳ (مريد) آهن. سندس هن بيماري ۾ انهن ئي مريدن سندس وڏو ساٿ ڏنو. ڀڳت ريشم سنڌي ادبي سنگت شاخ مقصودو رند ۽ منهنجي والد صاحب جي سرپرستيءَ ۾ هلندر علمي ادبي اداري المهراڻ فائونڊيشن شاخ مقصودورند جي ڪاروباري ڪاميٽي جو ميمبر پڻ هو. سندس ئي چوڻ تي ڪاروباري ڪاميٽي پاران آڪٽومبر مهيني ۾ ڀڳتي ڪانفرنس رٿيل هئي. جيڪا سندس بيماري سبب ڪجهه ڏينهن ملتوي ڪئي وئي هئي. سندس وڏو ڀاءُ مرحوم بيجليو ۽ ٻيو ڀاءُ پنهون عرف پنڪي پڻ پنهنجي وقت جا سٺا فنڪار هئا. سندس والد، ڀائرن ۽ سندس پڻ منهنجي ڏاڏي مصري فقير منگي ۽ اسان جي خاندان سان تمام ويجھڙائپ رهي. سندس هن وڇوڙي تي گهر ڀاتين، عزيزن ۽ مريدن کي يقينن وڏو صدمو پهتو آهي. ليڪن منهنجي نظر ۾ هن علائقي جي مشهور هاري اڳواڻ، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ساٿي ۽ اڌ بٽائي تحريڪ جي سرواڻ رئيس بروهي بعد هتان جو هي واحد هاري ۽ سياسي اڳواڻ هو جنهن جو سڄو خاندان عملي طرح سياست توڙي علم ۽ ادب جي دنيا ۾ پڻ متحرڪ آهي. هو يقينن پونيئرن کي اڪيلو نه پر سنڌ جي شعور سان سلهاڙي وڃي ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ ستو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو