سيپٽمبر جون ستمگريون، ۽ مير جون يادون، عبدالحئي ساوند

سيپٽمبر مهينون ئي اهڙو آھي جنهن ۾ جُدايون پلئه پونديون آھن هن ئي مهيني ۾ وڻن مان پَن سُڪي ڇڻي پوندا آھن، هي ئي مهينو ته آهي جڏھن ٽاريون، نم، مشڪبيد، پپل، انب، ڄمون، جا وڻ پنهنجي سونهن وڃائي ويهندا آھن، اُهي هن ئي مهيني ۾ ته اُداس هوندا آھن، ڇو ته انهن جي سونهن انهن جا ساوا پن جيڪي انهن جي فطري حسن ۾ نکار آڻيندا آھن، اهي انهن سان گڏ ناهن هوندا. جيئن انهن وڻن کان پن ڇڻي ويا ايئن ئي اسان کان اسانجو ليڊر شھيد مير مرتضى ڀٽو هن ئي مهيني ۾ جدا ٿي ويو، اهو مرتضى ڀٽو جيڪو سراپا سنڌ هو، اهو مرتضى ڀٽو جيڪو سراپا سچ هو، اهو مرتضى ڀٽو جيڪو سراپا سونهن هو، سونهن وِرونهن هو، اهو هن ڌرتي جو دلير پٽ هن ئي مهيني ۾ اسانکان زوري ڇِنو ويو. شھيد مير مرتضى ڀٽو هڪ اهڙي ته اڏول ۽ قد آور شخصيت هو جو هن جهڙو وري ڪو لال ڪنهن ماءُ ناهي ڄڻيون، هن پنهنجي زندگي ۾ کوڙ تڪليفون سٺيون، ڏک ڏٺا، پيرين پنڌ ڪري پير پٿون ڪيا، هن جلاوطني اختيار ڪئي، هيڏين سارين تڪليفن جي باوجود به هن جدوجهد جاري رکي، اڄ جا سياستدان ايئرڪنڊيشنڊ گاڏين ۾ ويهي ايئرڪنڊيشنڊ بنگلن ۾ رهي غريب عوام جي حقن جي ڳالهه ڪن ٿا، انهن کي شايد اها خبر ئي ناهي ته سياست ڪنڊن جي سيج آھي، هي ته سياست جي نالي تي عوام کي بيوقوف ڪري رهيا آھن، ۽ هُو مير ان عوام جي لاء سياست ڪندو هو، ان ئي عوام جي لاء هن جدوجهد ڪئي، آمر ضياء الحق جڏھن شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي چاڙھيو ته شھيد ميرمرتضى ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو ملڪ کان ٻاهر هئا، هنن تڏهوڪي آمر ضياء الحق جي ظلمن کان عوام کي نجات ڏيارڻ لاء جدوجهد ڪئي، ۽ لازوال جدوجهد ڪئي، هنن پوري دنيا جي آمريڪا اسرائيل ۽ ضياء دشمنن سان ملاقاتون ڪيون، ۽ ضياء خلاف جدوجهد ۾ ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪئي انهن مان لبيا جو صدر ڪرنل قذافي، فلسطين جو ياسرعرفات، سميت ڪجهه اسلامي ملڪن جا سربراه هنن سان گڏ بيهي رهيا ۽ هنن ضياء خلاف عالمي ليول تي جدوجهد جي شروعات ڪئي ته ان وچ ۾ فرانس ۾ شھيد شاهنواز ڀٽو کي گهرواري هٿان زهر ڏياري شھيد ڪرايو ويو ۽ اهو سوچيو ويو ته هاڻ مير مرتضى ڀٽو جدوجهد تان هٿ کڻندو مگر انهن جا سمورا ارادا خاڪ ۾ ملي ويا مير صاحب جدوجهد جاري رکي، هن مختلف ملڪن جا دورا ڪيا هن فلسطين جي مجاهدن سان گڏجي اسرائيل جي خلاف جنگ به جوٽي، مسلمانن ۽ انهن جي بقا لاء هنن وڏو ڪردار به ادا ڪيو، مير صاحب جا ساٿي جيڪي جلاوطني واري دور ۾ ان سان گڏ رهيا اهي ٻڌائيندا آھن ته ڀُٽي صاحب جي شھادت بعد آمر ضياء کي مير صاحب جو وڏو خوف هوندو هو، ۽ هن کي اها به پڪ هئي ته مير مرتضى ڀٽو پنهنجي پيء جو پلاند ضرور ڪندو، انهن ئي ڏينهن ۾ مير صاحب ۽ ننڍڙي فاطمه افغانستان جي شھر ڪابل ۾ ڪٿي ترسيل هئا ته رات جي وقت ڪجهه نقاب پوش مير مرتضى ڀٽو جي رهائشگاه ۾ گهڙي آيا ۽ اچڻ سان ئي انهن مير صاحب جي ڪمري ۾ ميرصاحب جي مٿان انڌا ڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني، ۽ مير صاحب يقدم ننڍڙي فاطمه کي بيڊ هيٺان اڇلي هٿيار کڻي حمله آورن مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني ته اهي پنهنجا سامان به ڇڏي وٺي ڀڳا ان دوران مير صاحب جا ساٿي به فائرنگ ڪندا اچي پهتا، مگر حمله آور فرار ٿي ويا، ايئن ئي ڪيترائي دفعا مير صاحب مٿان حملا ڪرايا ويا ان کي مارائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي مگر هو پنهنجي ان عظيم مقصد کان هڪ انچ به پوئتي نه هٽيو، هو جدوجهد ڪندو رهيو، ڪڏھن لبنان ته ڪڏھن مصر، ڪڏهن فلسطين ته ڪڏھن شام، ڪڏهن افغانستان ته ڪڏھن لبيا ۾ رولاڪيون ڪندو رهيو، قدرت طرفان جڏھن ضياء پنهنجي ڪجهه ساٿين سميت جهاز حادثي ۾ مري ويو ۽ ملڪ جي واڳ ڌڻين ۾ تبديلي آئي ته شھيد مير مرتضى ڀٽو به ملڪ واپس ورڻ جو اعلان ڪيو، مگر پاڪستان جي سرڪار پوء به هن جي ڏيهه اچڻ کان خوفزده هئي، مير مرتضى ڀٽو اعلان ڪيو هو ته منهنجو جهيڙو ضياء الحق سان هو، هن جي جهاز حادثي ۾ مرڻ بعد مان ملڪ موٽي ايندس ۽ پرامن سياسي جدوجهد ڪندس، مگر پوء به ملڪي سرڪار هن کي ملڪ ۾ آڻڻ نه پئي چاهي، هڪ طرف سرڪار مير صاحب کي ملڪ آڻڻ ۾ راضي نه هئي ته ٻئي طرف مير صاحب جا ساٿي هُن جو استقبال ڪرڻ جي تيارين ۾ رُڌل هئا نيٺ مير مرتضى ڀٽو ملڪ واپس ورڻ جو تاريخ جو اعلان ڪيو ته امان نصرت ڀٽو ۽ مير صاحب جا ساٿي هن جي ڀرپور استقبال جي تيارين ۾ شروع ٿي ويا،

Photo by Writer Abdul Hayee Sawand

مير صاحب ساٿين کي خوشي هئي ته المرتضى هائوس ۽ ستر ڪلفٽن جون ڪومائجي ويل خوشيون، ٻيهر ڪر کڻي ڦٽي نڪرنديون، ۽ خوشين جي هُٻڪار انهن جي من کي موهي وجهندي، نيٺ هو مڙس مٿير ڪيترن ئي سالن جي جلاوطني ختم ڪري ڏيهه واپس اچڻ لاء هوائي جهاز تي چڙھي پاڪستان جو رخ ڪيو جهاز جيئن ئي پاڪستان پهتو ته ان کي لهڻ جي اجازت ڪنهن به ايئرپورٽ تي نه ملي، هڪ طرف مير صاحب جو جهاز ڪراچي ايئرپورٽ جي فضاء ۾ ڦرندو رهيو ته ٻئي طرف ھيٺان ڪراچي ايئرپورٽ تي شھيد مير مرتضي ڀٽو جي ڪارڪنن ۽ ساٿين سان پوليس جون چڪريون ٿي رهيون هيون، شھيد مير جا ساٿي ۽ ڪارڪن پنهنجي قائد ۽ محبوب جي هڪ جهلڪ ڏسڻ ۽ ان کي پسڻ لاء آتا هئا، انهن مٿان پوليس جي شيلنگ، پٿراء پڻ ڪيو ويو ان ئي ڏينهن ۾ عنايت علي عمراڻي کي مٿي ۾ هڪ شيل لڳو هو جنهن جو نشان اڄ به هن جي نرڙ تي موجود آھي، پوليس شھيد مير جي ساٿين کي روڪڻ جا جيڪي به حربا هلايا اهي سڀئي ناڪام ٿي ويا نيٺ مير صاحب به هڪ ٻئي جهاز تي اچي ڪراچي ايئرپورٽ تي لٿو ته کيس يڪدم گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو،جيل موڪلڻ بعد مير صاحب مٿان مختلف ڪيس هلايا ويا جنهن ۾ مير صاحب کي ڪورٽن ۾ پڻ پيش ڪيو ويندو هو ۽ مير صاحب مڙني ڪيسن کي منهن ڏئي نيٺ جيل جي سلاخن کان آجو ٿي نڪري آيو، پوء هن پنهنجي سياسي سفر کي هڪ دفعو ٻيهر شروع ڪيو مير مرتضى ڀٽو شھيد تڪڙا ئي ملڪ جا دورا ڪيا ان دوران چئني صوبن ۾ هن جلسا به ڪيا جنهن ۾ هن کي عوام پاران ڀرپور موٽ ڏني وئي، چئني صوبن ۾ شھيد مير مرتضى ڀٽو جي ڀرپور ۽ پرجوش استقبال ڪيو ويو ملڪ جي تڪڙن دورن تڏهوڪي سندس جي ڀيڻ بينظير جي حڪومت کي لوڏي ڇڏيو هو، مير صاحب پنهنجي جلسن ۾ وزيراعظم سندس ئي ڀيڻ بينظير جي حڪومت ۽ ان ۾ ويٺلن ماڻھن مٿان سخت تنقيد ڪندو هو، جنهن ڳالهه تي پ پ سرڪار به هن کان پريشان ٿيندي هئي، ان وچ ۾ بينظير ۽ مير مرتضى ۾ شديد اختلافن جون خبرون به گردش ڪنديون رهيون، ۽ مير صاحب توڙي بينظير ۾ ملاقات به ٿي هئي، ان ملاقات بعد مير صاحب جڏھن المرتضى هائوس ۾ پارٽي جي ساٿين جو اجلاس سڏايو ته مير صاحب کان ڪجهه پارٽي جي ساٿين پڇيو ته اوهانجا بينظير سان معاملا ڪجهه ٺيڪ نه هئا ملاقات کان بعد اهي ڪٿي پهتا ۽ ڇا ٿيو، ڇو ته مير صاحب پارٽي جي ايوان جو وڏو احترام ڪندو هو ۽ هر ڳالهه ان ايوان کي ٻڌائيندو هو ته ان ئي اجلاس ۾ مير صاحب ايوان کي آڳاهي ڏني ته بينظير سان معاملا ٺھڻ جي بجاءِ ويتر وڌيڪ خراب ٿي ويا آھن، ڪجهه وقت بعد شھيد مير مرتضى ڀٽو 71 ڪلفٽن ڪراچي ۾ ملڪي سطح جو ڪنوينشن گهرائي الڳ پارٽي پ پ شھيد ڀٽو جو بنياد وڌو ۽ هڪ دفعو ٻيهر هو ملڪ جي دورن تي نڪري پيو جهر جهنگ ويو، جتي وڏي تعداد ۾ ماڻھن ان جو استقبال ڪيو، مسلسل جدوجهد ۽ سياسي سفر توڙي مير صاحب جي جلسن جلوسن گهڻن ئي قوتن جي پيٽ ۾ وٽ وڌا. 20 سيپٽمبر جي رات جلسي تان واپسي تي شھيد مير مرتضى ڀٽو جي قافلي کي روڪي کيس ستن ساٿين سميت گهر اڳيان گوليون هڻي شھيد ڪيو ويو، هن جي شھادت سموري ملڪ کي لوڏي ۽ ڌوڏي ڇڏيو، هر طرف روڄ راڙو مچي ويو گهر گهر ۾ شھيد مير مرتضى ڀٽو جي ناحق خون جو ارمان ٿيندو رهيو، ڳڙھي خدابخش جي قبرستان ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، شھيد شاهنواز ڀٽو بعد شھيد ميرمرتضى ڀٽو کي قبر جو اضافو ٿيو، مير جي شھادت کي 24 سال گذري ويا آھن مگر اڄ به مير جا ساٿي اوچي ڳاٽ سان آھن، هنن ڪڏهن به جهڪڻ ناهي سکيو، اڄ به مير مرتضى ڀٽو شھيد جي وڏور نياڻي بيبي فاطمه ڀٽو جڏھن به ڏيهه ايندي آھي ته هي مير جا ساٿي جيڪي هاڻي اڇن ۽ چاندي جهڙن وارن سان ٿي ويا آھن انهن جي وچ ۾ هوندي آھي، بيبي فاطمه جڏھن به ڏيهه آئي ته هن سڀ کان اول پنهنجي بابي شھيد مير مرتضى ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري ان کي ڀيٽائون پيش ڪري پوء المرتضى تي ويندي آھي، اڄ ان شھيد عظيم مير مرتضى ڀٽو جي 24 هين يوم شھادت تي سموري ملڪ مان ان جا چاهيندڙ ۽ پانڌيئڙا ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي ان جي مزار تي حاضري ڀريندا ۽ اهو وچن ڪندا ته شھيد مير تنهنجي ڇڏيل انقلابي مشن کي تنهنجي وڏو ور ۽ داناء نياڻي بيبي فاطمه ڀٽو جي قيادت ۾ جلد مڪمل ڪيو ويندو ۽ منهنجو به ايمان آھي ته اهو ڏينهن هاڻي تمام ويجهو آھي جو مير جو ٻيو روپ بيبي فاطمه ڀٽو جلد اسان سڀني جي وچ ۾ هوندي ۽ تلوار جو پرچم هٿ ۾ کڻي حقيقي قافلي جي اڳواڻي ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو