ميرا جو ڊانس ۽ ڳائڻ تي ڌيان، مخالف جادو پيا ڪن

ڪراچي (ويب ديسڪ) پاڪستاني اداڪارا ميرا چيو آهي ته سندس مرشد کيس بڌايو آهي ته هن جا مخالف مٿس جادو ٽوڻا ڪري رهيا آهن ۽ انهن کان هوءَ خبردار رهي. جيو نيوز سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته اڄڪلهه هوءَ ڳائڻ ۽ ڊانس تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ان شعبي ۾ به هوءَ مهارت حاصل ڪرڻ چاهي ٿي. هن حديقه ڪياني جي هڪ گاني جا ٻول ڳائي به ٻڌايا پر هوءَ حديقه کي صاحب ڪري مخاطب ٿيندي رهي. ياد رهي ته ميرا ڪڏهن پنهنجي گلابي انگريزي ته ڪڏهن ڪنهن اسڪينڊل سبب خبرن م رهندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو