برساتن جي تباهي نسلن تائين ياد رهندي، مير حسن رند

هلندڙ سال ٽنڊو غلام حيدر واسين سميت ڏکڻ سنڌ لاءِ سڀ کان وڌيڪ ڏُک ڏيندڙ سال مڃيو ويندو . ٽنڊو غلام حيدر جي عوام  هن سال کي ڏُکوئيندڙ سال طور هميشه ياد ڪندي رهندي, برسات سبب جيڪا جاني ۽ مالي تباهي آئي آهي انهن ڏُکن سورن کي وسارڻ سالن تائين  ناممڪن هوندو, برساتون ته  سالن کان وسنديون ۽ پونديون رهيون آهن, پر ايتريون مصيبت بڻجي غريب ماڻھن مٿان پونديون اهو ڪنهن کي گمان به نه هو.

Photo Sindhyar

ماضي ۾  پهرين جڏھن برساتن جون موسمون اينديون هيون ته ماڻھن جي چهرن تي مرڪون ۽ خوشيون هونديون هيون,  ٿر ,بر؛ ڪارونجهر؛ ڪينجهر؛ ڪشمور؛ ڪيٽي بندر تائين جا مالوند مسڪين مارو ماڻھون پنهنجا هر سنباهي رکندا هئا, هر طرف باغ بهاريون هونديون هيون , خوف مصيبتن اذيتن کان محفوظ هوندا هئا , ڪڏھن به ماڻھن کي اهو ڊپ نه هو ته برسات اسان غريبن جي غريباڻي ڪچن ڪکن ڪانن وارن اجهن کي ايتري قدر تباه ۽ برباد  ڪندي مهينن جا مهينا جاري رهندڙ برسات بعد به هرطرف ڀيڄ مولا ڀيڄ جون صدائون بلند رهنديون هيون ماڻھو الله تعالي جي رحمت مان ڪڏھن به مايوس ٿيندي نظر نه ايندا هئا, اڳ ۾ برساتن وسڻ جي لاء مارو ماڻھون صدقا خيراتون ڏيئي برسات پوڻ جون دعائون گهرندا هئا, پر هاڻي باري تعالي در ساڳيون دعائون گهري هر هنڌ اهي دلي دعائون به پڻ گهريون پيون وڃن ته يا الله  وسندڙ برساتون بند ڪر پهرين موسمن ۽ برساتن جا احوال خصوصن ريڊيو ۽ ٽي وي تي ڪيا ويا ويندا هئا, پر هاڻي دنيا کي نئون سسٽم بڻائيندڙ انٽرنيٽ جيڪو گهر گهر واهڻ وستي پل پل جي خبر ڏئي ٿو پر پوء به ماڻھون برساتن جي مصيبتن کان بچي نٿا رهي سگهن جنهن جو سڀ کان وڏو سبب نا اهل انتظاميه جي مڪمل انتظامن جي اڻپوري رٿابندي  آهي. ٽنڊو غلام حيدر ۾ برساتن جي تاريخ تي نظر ڦيرائجي ٿي ته واهن سم نالن جون موجوده حالتون بدترين ۽ يقينن غير فعال نظر اينديون رهنديون پر ايتري عرصي تائين اسان جي نااهل حڪمرانن ڪامورن سم نالن واهن شاخن ۽ ٽٽل بندن جي مالڪي ڪرڻ کي به مناسب نه سمجهيو موسميات کاتي پاران اڳ ۾ ئي  وارننگون ڏنيون ويون هيون پر هن ڀيري موسميات کاتي طرفان ڏنل وارننگ  2011  تائين واري مھا ٻوڏ جي ڊيٽا موجب سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ تاريخي برساتون پيون آهن ۽ امڪان کان وڌيڪ 50 سيڪڙو برسات جي اڳڪٿي ٿيل هئي پر هينئر تائين برساتون سو سيڪڙو جي لڳ ڀڳ کان به شايد وڌيڪ پئجي چڪيون آهن يا سراسري کان چئوڻ تي وڌيڪ چئي سگهجي ٿو، ضلعي ٽنڊو محمد خان ۽ ٽنڊو غلام حيدر جي سموري عوام کي هن ڀيري برساتن ايترو ته بيوس ۽ بيزار ڪيو آهي جو  هو ڏُڪار بک ته برداشت ڪندا پر برسات ڪڏھن به نه گهرندا.

Photo Sindhyar

تعلقي ۾ ھن وقت برساتن ٻين شهرن توڙي علائقن ۾ جيڪي تباهيون آنديون آهن انهي تباهي کي وسارڻ ناممڪن آهي هرطرف انساني زندگيون بک بد حالي  مفلسي سبب مجبور لاچار ۽ بيوس بڻيل آهن ماڻھن جون آهون ۽ دانهون چئني طرف ٻڌيون پيون وڃن ڊٺل جهوپڙين ۽ ڪريل گهرن جي اندر کي ڏسي دل رت جا ڳوڙها روئي ٿي معصوم ٻارڙن ۽ نوجوانن کي روڊن رستن تي لاوارث ۽ بي يارو مددگار ڏسي اکين اڳيان مائٽن پنهنجي پيارن جي موت جا ڀيانڪ منظر ڏٺا آهن انهن جي ميتن کي دفنائڻ لاء هڪ ميت جي زندگي پويان درجنين ٻيون زندگيون پاڻي جي وهڪرن ۾ لڙھي وڃائجڻ جهڙا خطرا درپيش سامهون آيا آهن ماڻھن کي ڪٿان به ڪو سولو رستو نه ملي رهيو هو ۽ قبرستانن ۾ ڪيترائي فٽ پاڻي بيٺل هو.  ٻي طرف نظر ڦيرائي ڏسجي ٿو ته شايد انسانن جي ڪڌن ڪرتوتن سبب مالڪ سائين هن وقت برحق گناهگار انسان مٿان  ناراض آهي پر اسان کان پنهنجا به مشڪل گهڙي ۾ الائي ڇو  ناراض ٿي اسان جو ساٿ ڇڏڻ تي لاچار ٿي ويا آهن جيڪي هن مصيبت جي وقت ۾ به اسان کي اڪيلو ڪري ويا  پهرين جيڪي به برساتون پيون پر ايترو نقصان نه ٿيو جيترو هن وقت ٿي چُڪو آهي سڄو سسٽم ختم ٿي ويو آهي, تعلقي واسي هن وقت بلڪل بي سهارا ٿي ڪري بي يارو,مددگار ٿي ويا آهن جڏهن ته ٽنڊو غلام حيدر سان وابسطه يونين ڪائونسلون؛ مويا؛ ڏندو؛ حاجي صوڀو خان چانڊيو؛ لکي ايٽ ميرواه؛ نظر پور؛ نصير خان چانگ؛ جمال الدين لاشاري؛ يوسف خان چانگ؛ سميت روڊ رستا ۽ زراعت به تباه ٿي وئي آهي مال جو چارو مڪمل ختم ٿي چڪو آهي, زراعت مان ٽنڊو غلام حيدر جي هزارين غريبن؛ مسڪين؛  پورهيتن؛ مزدورن؛ هارين؛ جا چلها ٻرندا هئا جيڪي  هيئنر تازو برساتي ٻوڏ هجڻ ڪري پوري طرح وسامي چڪا آهن شايد اهي هاڻي الائي ڪڏھن ٻرن يا نه ان جي ڪابه پڪ يا خبر  نه آهي ان کان علاوه ٻهراڙي وارن ننڍن وڏن شهرن روڊن رستن جي موجوده وقت ۾ بدتر حالتن سبب تعلقي ٽنڊو غلام حيدر جو مواصلاتي نظام به سمورو تباه ٿي ويو آهي رستا ٻڏڻ ڪري رهواسين جو شهرن تائين رسائي نه ٿيڻ جي صورت ۾ علائقي جا پسگردائي واسي بيمارين سبب سخت تڪليفن ڏکيائن کي منهن ڏئي رهيا آهن تعلقي ۾ ٻوڏ علائقي واسين کان جيئڻ, جو حق باقائده طور کسي ورتو  آهي سنڌ جا وڏا شهري علائقا پوء به کڻي برساتن بعد پيرن تي بيهي سگهن ٿا روڊ رستن جي بحالي ۽ روزگار سبب سنڌ جي شهري علائقن ۾ بحالي وارو ڪم به ٿي سگهي ٿو پر ٽنڊو غلام حيدر تعلقي جي سڄي ڳنڀير صورتحال کي ساڳي پوزيشن تي آڻڻ تائين تعلقي جون حالتون ڪافي وقت گذرڻ باوجود به بدتر ئي رهنديون ڇو ته سياسي طور ٽنڊو غلام حيدر سال 2005 کان پهرين ئي هر طريقي ۽ حساب سان سياسي طور نظرانداز ٿيندو رهيو آهي پر هاڻي ان جي بهتري جي سڀني اميدن مٿان برسات ۽ ٻوڏ گهاڻو گهمائي ڇڏيو آهي آخر ڪار ڪڏھن تعلقي ٽنڊو غلام حيدر جي قسمت تبديل ٿيندي  ڪڏھن وري تعلقه ٽنڊو غلام حيدر جي مذڪوره عوام  پنهنجي پيرن تي بيهي سگهندي, ڪڏھن صحت تعليم روڊ, رستا زراعت ٻنيون ٻارا ۽ ٻيا وسيلا  سهولتون ممڪن بڻجي سگهنديون, ڪڏھن غريب پنهنجي اباڻن اجهن ۾ وڃي آباد ٿيندا, ڪيستائين  تعلقي جا پورهيت روزگار جي وسيلن جي تلاش ۾ ڪنهن اجنبي مسافر يا فقير جيان ڀٽڪندا ۽ رلندا رهندا ۽ ڪڏھن وري هتان جا چونڊيل عوامي نمائندا انهن بي يارو مددگار بڻيل روڊن تي رهي راتيون جاڳي بيوس  ماروئڙن جي درد ڀرين دانهن جو درمان ٻڌي مٿن انصاف ڪندا ڪڏهن انهن جي ڦٽن تي مرهم پٽيون رکندا.

Photo Sindhyar

جيڪي برسات دوران انهن جي سڄي جسم ۾ ھن وقت هڪ ناسور بڻجي سالن يا صدين تائين انهن کي سورن ۽ دردن ۾ مبتلا ڪندا رهندا باقي انهن تباه حال شهرن ۽ روڊن جي بحالي کي آئينده ۽ ايندڙ تباهين کان ڪهڙي منصوبا بندي ۽ رٿابندين سان اڏيو يا تعمير ڪيو ويندو, انهن مسڪينن جنهن پنهنجي نياڻين جا زيور مال متاع وڪڻي پُرسڪون ۽ آسائش واريون ڪچيون جڳهيون گهرڙا ٺاهي انهن اميدن سان بي خوف ٿي ويٺل هئا ڇا انهن مسڪين ماروئڙن جي ڪکائن گهرن سان گڏ لٽجي ۽ زمين داخل ٿي ويل عوام جي اميدن ۽ آسرن کي سرڪار ڪڏهن ڪهڙي ۽ ڪيتري قدر پورو ڪندي  جيڪا ڪيفيت هن وقت ٽنڊو غلام حيدر جي ٿي ويئي آهي تعلقي جي ماڻھن کي برساتن ۽ ٻوڏ جا ڏنل سور سالن صدين تائين هر گز نه وسرندا  طوفاني برساتن ٽنڊو غلام حيدر  کي اهڙي موڙ تي اچي بيهاريو آهي جتان عام ماڻھن جو نڪرڻ به موت مثل سمجهيو پيو وڃي نه هيئنر هو پنهنجا اباڻا اجهڙا ڇڏي سگهن ٿا نه ئي وري انهن جي ٻيهر آباد ٿيڻ جي انهن وٽ پنهنجي مدد پاڻ ڪا صلاحيت بچي آهي بس الله کانسواء تعلقي ٽنڊو غلام حيدر واسين جو هاڻي ڪُجهه نه بچيو آهي.سنڌ سميت ٽنڊو غلام حيدر ۾ به جيڪا برساتي تباهي آئي آهي انجي سڄي ذميواري سنڌ سرڪار ۽ سندن آبپاشي کاتي مٿان اچي ٿي هن ڀيري سال 2020 ۾ برسات سبب  لاڳيتو آيل ٻوڏن وفاقي ۽ سنڌ سرڪار جي پت وائکي ته ڪري ڇڏي آهي سوين سم نالن جي بند ٽُٽڻ  سان آبپاشي کاتي مرمت بهاني ڪروڙين اربين  رپيا ورتا پر مرمت لاء هڪ پٿر يا ڪٽو به بچاء خاطر اڳواٽ نه رکيو ويو, حيرت ان ڳالھ تي به ٿي رهي آهي ته  انتظامي نااهلي سبب سم نالن جو  هر سال ٽُٽڻ ڪري سموري تعلقي ۾ تباهي ڦھلجندي رهندي  آهي جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ جاني مالي نقصان قدرتي وسلين سان مالا مال تعلقي ٽنڊو غلام حيدر جي  رهواسين ڀوڳيو آهي, هاڻي سڄي تعلقي جو سسٽم تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪو آهي پورو تعلقو تباهي جو هڪ وڏو ڀيانڪ منظر بڻيل آهي, جڏهن ته موجوده سنڌ سرڪار ضلعي ٽنڊو محمد خان کي آفت سٽيل قرار ته ڏنو آهي پر حقيقي متاثر ماروئڙن جي مالڪي لاء ايمرجنسي حالتن ۾ ڪي به اثرائتا جوڳا انتظام اڄ تائين نه ڪيا ويا آهن لکين ايڪڙن تي مشتعمل زرعي فصل ۽ هزارين مسڪين ماڻھون اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جي ڪري مصيبت جي گهيري ۾ جڪڙيل هجڻ سان گڏو گڏ گهرن ۾ گهڻي ڀاڱي ڦاٿل آهن جنهن وٽ نه کاڌو آهي نه پاڻي هن وقت سڀ کان وڏو مسئلو  جيڪو تڪليف ڏيندڙ آهي اهو آهي ٻهراڙي وارن ڳوٺن روڊن جي بحالي جيڪڏھن تباه حال ٻهراڙي وارن شهرن روڊن گهرن ڳوٺن کي جهڙو تهڙو عارضي بنيادن تي بحال نه ڪيو ويو ته وڌيڪ پوندڙ برساتن سبب سرڪار جي راشن ٽينٽ ۽ ٻين ريسڪيو واري ڪمن کان اڳ ئي تعلقي ٽنڊو غلام حيدر ۾ صورتحال ايتري ته خراب ٿي سگهي ٿي جنهن کي منهن ڏيڻ لاء حڪومت کي وقت سر ڪنهن موقعي جي تلاش بجاء اڳ واٽ ئي جوڳاء قدم کڻڻ گهرجن ته جئين عوام کي وقت سر فائديمند رليف  ملي سگهي سو سنڌ سرڪار ۽ وفاقي حڪومت جي اها ذميواري آهي ته فوري طور ضلعي توڙي تعلقي جي تباه ٿيل روڊن کي فوري طور هنگامي بنيادن تحت بحال ڪري متاثر ماڻھن کي پاڻمرادو نڪرڻ لاء موقعو بخشيو وڃي ته جيئن هو ڪنهن سرڪاري ريسڪيو بجاء پنهنجون زندگيون پاڻ بچائي ڪنهن محفوظ جڳهن تائين پهچي سگهن ۽ سندن کاڌ خوراڪ ۽ رهائش واري عمل کي فوري طو بهتر بڻائڻ لاء انتظاميه کي پابند ڪيو وڃي ته جيئن مڪسينن سان جائز انصاف ٿي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو