پوليس جو فرسوده نظام ۽ ڏوهارين جا جديد طريقا، نظاماڻي

دنيا ۾ ٽيڪنالوجي وڏو انقلاب برپا ڪيو آهي ۽ هر شعبي ۾ ٿيندڙ سائنسي ۽ ٽيڪنيڪل ايجادات ۽ مصنوعي ذهانت جي استعمال کي عام ڪيو پيو وڃي. افسوس سان چوڻو ٿو پوي پاڪستان ۾ ان بابت تمام گهٽ ڪم ٿئي ٿو. اسانجي پوليس جو نظام فرسوده آهي ۽ دنيا ۾ ڏوهاري جديد ٽيڪنالوجي جو سهارو وٺن ٿا. اسان وٽ هر ڪم ۾ مذهبي رڪاوٽون پيدا ڪيون وڃن ٿيون، چاهي پوءِ اهو چنڊ دوربين سان ڏسڻ يا سائنسي بنيادن تي ڪئلينڊر جوڙڻ جو معاملو هجي يا ڏوهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ فورينزڪ، ڊي اين اي ۽ ٽيڪنالوجيڪل شهادتن جو استعمال هجي. تازو لاهور ۾ موٽر وي ريپ ڪيس سامهون آيو ۽ هفتي کان مٿي وقت گذري چڪو آهي پر اڃا اصل ملزم عابد گرفتار ناهي ٿي سگهيو. جنهن جو مک ڪارڻ پاڪستان ۾ ٽيڪنالوجي جو گهٽ استعمال آهي. هجڻ ته ايئن گهرجي ته نادرا وٽ جيڪا ڊيٽا موجود آهي ان جو ڏوهن کي روڪڻ لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجي ۽ پوليس کي ان تائين رسائي ملڻ گهرجي. پاڪستان ۾ پوليس مان سياسي مداخلت ختم ڪري پڙهيا لکيا نوجوان ڀرتي ڪري کين جديد تيڪنالوجي جي استعمال جي تربيت ڏيڻ گهرجي. پوليس کي وسيلا مهيا ڪرڻ گهرجن، ٽرانسپورٽ، ڪمپيوٽر، ٽيڪنالوجي جي استعمال، فورينزڪ ليبارٽريز قائم ڪرڻ گهرجن. ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کان وٺي تفتيش جي نگراني سينئر آفيسرن کي ڪرڻ گهرجن. ڪنهن ڏوهاري جي گرفتاري جي صورت ۾ ٺوس ثبوت گڏ ڪري ڪيس چالان ڪرڻ گهرجي. بدقسمتي سان ايئن نٿو ٿئي ۽ تازو پاڪستان جي اٽارني جنرل خالد جاويد خان اقرار ڪيو ته پاڪستان ۾ انصاف جو نظام متاثر ماڻهن بدران مالي ۽ سماجي طور مضبوط مجرمن جي حق ۾ جهڪاءُ رکي ٿو. ملڪي قانون تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ ضروري آهي ته قانون جي مڪمل ڄاڻ هجڻ ۽ ان تي عمل درآمد ڪرائڻ لاء ضروري وسيلا هجڻ يعني ته بهتر تعليم،تربيت ۽ ضروري آمدورفت جا وسيلا هجن.تعليم ۽ تربيت لاءِ مختلف ڪورس ڪرائڻ ۽ بهترين جديد مواصلات جا ذريعا هجڻ. مثال طور ٽرانسپورٽ لاءِ گاڏيون هئڻ ۽ ڪمپيوٽر جو هجڻ، حد اندر امن امان برقرار رکڻ امن امان برقرار رکڻ جو مطلب ٿيو علائقي جي چوڪيداري ڪرڻ پر هتي ٿاڻيدار مالڪ ٿيو وتي.

file Photo

ان لاءِ ٻه ڳالهيون ضروري آهن هڪ ته تربيت اطلاع يا مخبري جو نظام ۽ ٻيو هروقت علائقي ۾ موجود هجڻ جو نظام، پوليس مخبري صرف ان ڪم جي ڪندي آهي جنهن مان کين ڪجهه مال ملندو رهي. پاڪستاني پوليس جي نظام ۾ هڪ فرق اهو به اهي ته ڪميشنڊ پاس ۽ رينڪر اهلڪارن ۾ فرق، ڪميشنڊ آفيس رينڪرز کي پاڻ کان گهٽ درجي جو سمجهندا آهن. پوليس جي تربيت وارن اسڪولن ۾ ڪرپشن ۽ اقربا پروي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته اڪثر ڪري پهريون نمبر ان کي ملندو آهي جيڪو پريڊئي ناهي ڪندو. پوليس اسڪولن کي جديد سائنسي بنيادن تي هلائڻو پوندو، انهن کي دنيا جي پوليس اسڪولن سان انٽرنيٽ تي ڳنڍي دنيا جي ماهر پوليس آفيسرن جا ويڊيو لنڪ تي ليڪچر ڪرائي سگهجن ٿا. اسان وٽ اڃا به روايتي انداز ۾ ثبوت گڏ ڪيا ويندا آهن جڏهن ته جديد فورينزڪ شهادتن لاءِ جاچ آفيسرن کي ڄاڻ ڏيڻ گهرجي، تربيت ڏئي کين ماهر بڻايو وڃي.  ڪرائيم سين تان ثبوت گڏ ڪرڻ لاءِ  هٿن تي گلوز، منهن تي ماسڪ ۽ سڄي بدن تي گائون پائڻ ضروري هوندو آهي ورنه پگهر ۽ ساھ جا جزا شامل ٿي سگهن ٿا ۽ ان مان نتيجو ڪڍڻ مشڪل ٿي پوندو آهي ان سڄي ڪم جي موقعي تي شاهدن کان صحيح وٺي سيل ڪرڻو هوندو آهي نه ته ڪورٽ سڳوري ۾ قابل قبول نه هوندو پر ٿيندو ائين آهي جو سڀ ڪجهه تفتيشي آفيسر گڏ ڪري ٿاڻي تي منشي سڳوري کان ڪاروائي قلم بند ڪرائيندا آهن جنهن ڪري ملزم عدالت مان بري ٿي ويندا آهن موجوده نظام ۾ تفتيشي آفيسر جو سب انسپيڪٽر يا انسپيڪٽر هوندو آهي تفتيشي آفيسر شڪ جي بنياد تي ملزم کي گرفتار ڪري زبردستي ڏوھ مڃرائي چالان ڪري ڇڏيندا آهن پوليس 161 سي آر پي سي هيٺ بيان قلم بند ڪري خانه پوري ڪري جان ڇڏائيندي آهي. جيڪو بيان عدالت ۾ قابل قبول نه هوندو آهي پر جيڪڏهن تفتيشي آفيسر ڄاڻو هوندو ته قانون شهادت جي گهربل اصولن موجب ثبوت گڏ ڪندو. يعني دوران تفتيش ملزم کان هٿيار يا چوري جو ڪو سامان هٿ ٿئي ٿو ته اهو ثبوت اوتروئي قابل قبول آهي جيترو ملزم جو جج جي اڳيان ورتل بيان. مثال طور واردات ۾ استعمال ٿيل ڇري يا چاقو، ملزم ۽ فوتي  کي ملائي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته ڇري جي هٿي مان ملزم جا فنگر پرنٽ۽ ڇري جي فار مان متوفي جو رت ۽ ڊي اين اي ميچ ٿي سگهي ٿو. اسان وٽ تفتيشي آفيسرن جو خيال آهي ته صرف اکين ڏٺو شاهد ئي قابل قبول آهي تنهن کان زبردستي اقراري بيان وٺندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ ڪڏهن ڪڏهن شاهد فوت ٿي ويندا آهن کي ڪيس رُلي ويندا آهن. موجوده دور ۾ اکين ڏٺو شاهد هٿ ڪرڻ مشڪل هوندو تنهن ڪري ضروري آهي ته پوليس کي سائنسي بنيادن تي تفتيشي ڪرڻ جي تربيت ڏني وڃي سائنسي بنياد تي شهادتون هٿ ڪرڻ لاءِ پوليس بنيادي فوررينزڪ جا ڪورس ڪرايا وڃن ته ڪهڙي نموني شهادتون گڏ ڪري ليبارٽرين مان رپورٽ حاصل ڪجي. ڇاڪاڻ ته اسان جي طريقيڪار ۾ سڄي تفتيش ٿاڻي جا منشي ڪندا تنهن ڪري اڪثر ڪيس عدالت مان بري ٿي وڃن ٿا دنيا سڄي ۾ تفتيش پڙهيل تربيت يافته آفيسر ڪندا آهن پر اسان وٽ  سينئر آفيسر جو تفتيشي سان ڪوبه واسطو نه رهيو آهي جنهن ڪري منشي جي مهرباني سان چالان ٿيل ڪيس جا ملزم بري ٿي وڃن ٿا. حقيقي اصلاحات لاءِ اهو ڏوهه جن جي سزا ڏهه سال يا ان کان وڌيڪ هجي ان ۾ انسپيڪٽر يا اي ايس پي جي آفيسرن کان جاچ ڪرائي وڃي ۽ فورينزڪ ليبارٽرين کي جديد بڻائي عالمي اصولن پٽاندڙ تصديق ڪرائجي جيئن ان جا نتيجا عالمي معيار موجب قابل قبول هجن. جيتري قدر ماضي قريب جي اصلاحات جو تعلق صرف پوليس آفيسرن جي بدلي ڪرڻ ۽ خفيه رپورٽ (اي سي آر) لکڻ جي اختيار تائين محدود رهيو آهي ته جيئن سياسي اثر رسوخ رکي سگهجي جنهن جي ڪري پوليس آفيسر پنهنجون توانائيون بالا آفيسرن ۽ سياستدانن کي راضي رکڻ ۾ مصروف ڪندا آهن حقيقي اصلاحات پوليس جي تفتيشي سگهه کي بهتر ڪرڻ سان ٿيندا آهن ۽ نه ڪي بدلي ۽ پوسٽنگ جي انتظار ڪرائڻ سان. (هي آرٽيڪل پروفيسر ڊاڪٽر شفيع محمد نظاماڻي جيڪو ملائيشيا ۾ پڙهائيندو آهي، جو لکيل آهي.)

پهنجو تبصرو موڪليو