ٽڪ ٽوڪ آمريڪا ۾ اوريڪل جي نالي سان ڪم ڪندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ چيني ايپ ٽڪ ٽوڪ تي پابندي بعد هي ايپ هاڻي ڪمپيوٽر جي ڪمپني اوريڪل جي نالي سان ڪم ڪندي. ٽڪ ٽوڪ جي مالڪ ڪمپني بائٽ ڊانس مائيڪروسوفٽ جي خريداري واري آڇ رد ڪري ڇڏي هئي جنهن بعد هي اعلان سامهون آيو آهي ته اوريڪل جي نالي سان ٽڪ ٽوڪ آمريڪا ۾ استعمال ڪري سگهبي. اوريڪل ۽ ٽڪ ٽوڪ جي معاهدي جو تفصيل سامهون ناهي آيو ۽ نه وائٽ هائوس جو رد عمل سامهون آيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو