پڙهي لکي پنجاب ۾ جهالت جي انتها جا انداز، حسن ناز سومرو

اسان جي معاشري جي هميشه کان هڪ عادت رهي آهي ته هميشه اسين پنهنجو پاڻ کي ٻئي کان بهتر سمجھندا آهيون جڏهن اندر ۾ اسان کي اها ڀلي ڀت خبر هوندي آهي ته اسان ۾ ڪيتري اهليت موجود آهي پر اسان جي معاشري جا ماڻهو هميشه پنهنجا عيب لڪائي ٻين کي ڏوهي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هوندا آهن اها عادت نه فقط اسان جي سنڌ ۾ پر پاڪستان جي چئني صوبن جي ماڻهن ۾ موجود آهي سو اسان جي ٻين صوبن سان گڏ پنجاب صوبي جا ماڻهو به هڪ اهڙي سوچ رکندڙ آهن، پنجاب صوبي جا ماڻهو پنجاب صوبي کي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڏو ڀاءَ سمجھڻ جي ڪوشش ڪندا آهن پر پنجاب صوبي ڪڏهن به ننڍن صوبن سان انصاف نه ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ سمورن صوبن جي دل ۾ سندس محبت گھٽجي چڪي آهي، جڏهن ته پنجاب صوبي جا ماڻهو پنهنجو پاڻ کي تمام گھڻو ڪجھ سمجھندي ٻين کي نيچ ۽ پنهنجو پاڻ کي اتم ڏيکاريو آهي جڏهن ته ننڍن صوبن جي ڀيٽ ۾ جيتري گندگي پنجاب صوبي ۾ آهي ايتري شايد ڪنهن ٻئي صوبي ۾ هجي. پنجاب صوبي ۾ معصوم نينگرين سان زيادتي جي ڳالھ هجي يا جاگيردارن ۽ چوڌرين جو ظلم هجي، پنجاب جي پوليس جون ڪارستانيون هجن يا دهشتگرن جون ڪاروايون هجن مطلب ته اهڙن ڪڌن ڪمن ۾ پنجاب جو نالو سرفهرست رهيو آهي پر پوءِ پنجاب جا ماڻهو پنهنجون غلطيون تسليم ڪرڻ کان انڪاري آهن جيڪا نهايت ئي حيرت ۾ وجھندڙ ڳالھ آهي. ٽي ڏينهن اڳ موٽر وي تي لاهور کان گجرانوالا ويندڙ  هڪ عورت جيڪا پنهنجن معصوم ٻارڙن سان گڏ ان وقت ڪار ۾ ويٺي هئي جنهن وقت سندس گاڏي جو تيل ختم ٿي چڪو هو ۽ ايتري ۾ ڪجھ غنڊا قسم جا ماڻهو آيا جن ڪار جا شيشا ٽوڙي عورت کي معصوم ٻارڙن جي سامهون اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو، جيستائين اتان جا لوڪل ماڻهو مدد لاءِ پهتا ان وقت تائين اهي ڏوهاري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪا هئا، جنهن کان پوءِ پنجاب پوليس جي اعليٰ آفيسرن جهڙي قسم جا بيان ڏنا آهن انهن تي به فقط افسوس ئي ڪري سگھجي ٿو جڏهن ته عزت به عورت جي لٽي ويئي آهي ۽ الزام به عورت تي لڳايا پيا وڃن ته رات دير سان عورت کي گھر کان نڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي ۽ وري عورت جيڪڏهن گھران نڪتي به آهي ته گاڏي جو تيل ڇو نه چيڪ ڪيو هو، مطلب ته مذاق ئي مذاق سو سائين اهي آهن پنجاب ۾ انصاف جا تقاضا جڏهن ته ڪپتان پاڪستان کي رياست مدينه جو درجو ڏيارڻ هليو هو، تازو  بنگلاديش ۾ هڪ عورت سان ڏاڍائي جي ڪيس ۾ 16 ڄڻن کي ڦاسي جي سزا ٻڌائي ويئي جڏهن ڪورٽ ۾ هڪ وڪيل سزا گھٽ ڪرڻ جي استدعا ڪئي ته جج صاحب وراڻيو ته هي بنگلاديش آهي ڪو پاڪستان ناهين!. سو اسان جا قانوندان اسان جي قانون جا رکوالا مذاق سمجھي انسانيت جي تذليل ڪري رهيا آهن ڪير پچڻ وارو نه آهي بس جنهن جو پيٽ ڀريل آهي اهو سکيو ستابو آهي قانون اهو مڪڙي جو ڄار آهي جنهن ۾ مک ته ڦاسي پئي ٿي پر ڍڳي جهڙا جانور پنهنجن سڱن سان ان ڄار کي ڦاڙيو ڇڏين سو گذريل رات جهڙي طريقي سان عورت جي روڊ تي تذليل ڪئي ويئي ان تي فقط افسوس ئي ڪري سگھجي ٿو ڇاڪاڻ جهڙي سينا زوري سان عورت جو ريپ ڪيو ويو اهو انتهائي افسوس ناڪ عمل هو سو پنجاب ۾ اهڙا واقعا هميشه رونما ٿيندا رهن سو هڪ واقعو 1971ع ۾ پاڪستان جي مشهور فلم اسٽار شبنم سان به پيش آيو هو جنهن دوران اداڪاره شبنم پنهنجي گھر ۾ پنهنجي گھر واري روبن گوش ۽ ٻارڙن سان  گھر ۾ موجود هئي سو پنجاب جو بدنام زمانه ۽ اميرزادو فاروق بنديال ۽ سندس دوست گھر ۾ گھڙي گھر واري روبن گوش کي رسين سان ٻڌي ٻارڙن جي سامهون شبنم جو گينگ ريپ ڪيو، جنهن جو ڪيس لاهور ۾ گلبرگ ٿاڻي تي پڻ درج ڪرايو ويو هو جنهن کان پوءِ جوابدار گرفتار به ٿيا ۽ انهن کي سزاءِ موت به ڏني ويئي پر افسوس جو اڄ ڏينهن تائين اهي جوابدار آزاد ۽ زنده گھمي ڦري رهيا آهن اهو آهي اسان جو قانون جتي هڪ عام ماڻهو کي انصاف ملڻ ناممڪن آهي جڏهن ته ناانصافي ڪندڙ ڏوهاري پنهنجي مرضي سان گھمي ڦري رهيا آهن سو گذريل ڏينهن اها عورت جيڪا فرانس مان پاڪستان پنهنجن مائٽن سان ملڻ لاءِ آئي هئي ۽ ان شايد اهو ئي سمجھو هوندو ته هڻي پاڪستان رياست مدينه بڻجي چڪو هوندو ۽ هتي هر ڳالھ قانون مطابق ٿيندي آهي پر هن ويچاري کي ڪهڙي خبر ته پاڪستان جا سياستدان سياست ته پاڪستان ۾ ڪندا آهن پر هنن جون رهائش گاهون ٻاهرين ملڪن ۾ ٺهيل آهن بس هو سياست جي نالي تي پاڪستان جي عوام کي ذليل ۽ خوار ڪندا آهن. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ڪپتان جي حڪومت ۾ اهي ڏوهاري گرفتار ٿي سگھندا؟ جيڪڏهن گرفتار ٿيندا ته ڇا انهن کي سزا ملي سگھندي..؟ جيڪڏهن انهن کي سزا ملندي ته ڇا ان سزا تي عمل ٿي سگھندو ؟ اسان جي نظرن ۾ اهو سڀ ڪجھ ناممڪن آهي جڏهن اداڪاره شبنم جهڙي عورت به ڏوهارين کي ڪيفر ڪردار تائين نه پهچائي سگھي ته هي ويچاري پنجاب جي رهواسڻ ڪهڙي طريقي سان انصاف حاصل ڪري سگھندي! پر پوءِ به اسين حڪومت پنجاب ۽ حڪومت پاڪستان کي اپيل ڪنداسين ته هتي جيڪڏهن ڪنهن انسان کي انصاف ڏيڻو آهي ته هتي قانون به رياست مدينه وارو مقرر ڪيو وڃي، جيڪڏهن پنهنجو آهي ته ڇڏيو وڃي، جي پرايو آهي پيڙهي ڇڏيوس ائين نه ٿيڻ گھرجي. انصاف هر امير توڙي غريب جي در تي هڪ دم پهچڻ گھرجي، جيڪڏهن انصاف ۾ پنهنجي ۽ پرائي وارو فرق ختم نه ڪيو ويندو ته هتي ڪڏهن به ڪنهن کي انصاف ملي نه سگھندو ۽ پنجاب لاءِ نعرو هنيو ويندو آهي ته  پڙها لکا پنجاب !  ۽ هاڻي هرڪو چوندو ته پڙها لکا پنجاب جاهلون جيسي حرڪات سو هاڻي ڪپتان کي گھرجي ته هو انصاف کي سستو ڪري ۽ عام ماڻهو کي انصاف دروازي تي ملي ته پوءِ يقين ڄاڻو ته ڪپتان جي حڪومت کي ڪير به لوڏائي نه سگھندو پر جي هتي قانون جي پاسداري نه ڪئي ويئي ته ڪپتان جي حڪومت جو حشر به گذريل حڪومتن جهڙو ٿيندو.   

پهنجو تبصرو موڪليو