دنيا ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس پوڻا 3 ڪروڙ کا وڌي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دنيا ۾ ڪورونا وائرس جا ڪلور جاري آهن، هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 3 هزار 54 انساني جانيون ضايع ٿي ويون آهن. هڪ ڏينهن دوران سموري دنيا ۾ هڪ لک 88 هزار نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ وڌي 2 ڪروڙ 76 لک 50هزار 69 هزار ٿي ويو آهي. ڀارت ۾ هڪ ڏينهن دوران سڀ کان وڌيڪ هڪ هزار 107 فوتگيون ٿيون جڏهن ته 89 هزار 852 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد ڪورونا وائرس جي شڪار ڀارتي شهرين جو انگ 43 لک 67 هزار 437 ٿي ويو آهي. آمريڪا ۾ 322 ڪورونا مريض حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته 18 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس پڻ ظاهر ٿيا. ميڪسيڪو ۾ 223 فوتگيون ۽ 3 هزار 486 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد ميڪسيڪو ۾ متاثرن جو انگ وڌي 6 لک 37 هزار 509 ٿي ويو آهي. روس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر فوتگين ۾ اضافو ٿيڻ لڳو، هڪ ڏينهن دوران 122 مريضن دم ڏئي ڇڏيو، ايران ۾ 132، انڊونيشيا ۾ 100،برازيل ۾ 83،ڏکڻ آفريڪا ۾ 82،اسپين ۾ 78، عراق ۾ 68، يوڪرائن ۾ 57، ترڪي ۾ 52، بنگلاديش ۾ 36، سعودي عرب ۾ 30 ۽ اٽلي ۾ 10 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا. عالمي وبا سبب هيل تائين فوتين جو انگ 8 لک 99 هزار 610 ٿي ويو آهي،جڏهن ته هڪ ڪروڙ 97لک 32 هزار 911مريض ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو