عدالت سنٿيا رچي کي ملڪ بدر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ امريڪي عورت سنٿيارچي کي ملڪ بدر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، سنٿيارچي طرفان ويزا رد ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي دوران وفاقي گهرو سيڪريٽري ۽ ڊپٽي سيڪريٽري کي نوٽيسز جاري، جواب طلب، چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ويزا ڏيڻ ۽ رد ڪرڻ جو اختيار گهرو کاتي وٽ آهي، ٻڌايو وڃي ته هڪ ڏينهن ۾ ڪيترن ماڻهن جا ويزا رد ڪيا وڃن ٿا، عدالت طرفان سنٿيارچي کي به حلف نامو جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڊي جي ايف آءِ اي کان به جواب طلب ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو