دنيا جو قديم ۽ 77 هون وينس فلمي ميلو عروج تي

وينس(ويب ڊيسڪ) دنيا ۾ عالمي وبا ڪورونا جي باوجود دنيا جو قديم ۽ اهم فلمي ميلو ‘وينس فلمي ميلو’ جاري آهي. عام طور تي هي ميلو 2 هفتا هلندو آهي پر هن ڀيري ڪورونا سبب 10 ڏينهن تائين محدود رهندو. اٽلي جي شهر وينس ۾ جاري هي 77هون ميلو 2 سيپٽمبر کان 12 تائين جاري رکندو. پهرين ڏينهن 8 فلمن جي نمائش ٿي هئي ۽ ميلي ۾ مجموعي طور 60 فلمن جي نمائش ٿيندي. ميلي ۾ شريڪ ماڻهن کي ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرڻ لاءِ هدايت ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو