ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي ترجمان سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر مطالبو ڪيو آهي ته وزيراعظم جي مشير جنرل (ر) عاصم سليم باجوا جي اثاثن جي جاچ ڪئي وڃي. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته پيپلز پارٽي شروع کان وزيراعظم جي اڻ چونڊيل صلاحڪارن جا اثاثا ظاهر ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهي آهي. ترجمان چيو آهي ته سيپيڪ جي چيئرمين جي سنجيده مالي الزامن تي هڪومت پاران خاموشي اختيار ڪرڻ ۽ ڪجهه نه ڪرڻ حيران ڪن آهي. احمد نورواني جي خبر ۾ عاصم سليم باجوا جي ظاهر نه ڪيل اثاثن ۽ ڪاروبار جو انڪشاف ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت نام نهاد احتساب جي ڳالهه ڪندي آهي هن معاملي ۾ به ڪاروائي ڪري. حڪومت پنهنجي ڏيکاءَ واري احتساب جي بيانيي جر ابتڙ هن معاملي تي خاموش آهي. ترجمان چيو ته عاصم سليم باجوا ج ڪاروبار بابت انڪشاف حڪومت ۽ نيب لاءِ امتحان آهن. هن چيو ته جنهن ڦڙتي جو مظاهرو اپوزيشن جي احتساب لاءِ ڪيو ويندو آهي اها ڦڙتي هن معاملي ۾ به ڏيکاري وڃي، الزام سنگين نوعيت جا آهن تحقيقات ڪئي وڃي. هن چيو ته غير منتخب مشيرن جي اثاثن جي شفاف جاڇ ٿئي ته وڏا انڪشاف ٿيندا. ياد رهي ته احمد نوراني 27 آگسٽ تي فيڪٽ فوڪس نالي ويب سائيٽ تي خبر شايع ڪئي هئي ته عاصم سليم باجوا جي خاندان جو آمريڪا، ڪئناڊا، متحده عرب امارات ۽ پاڪستان ۾ 70 کان مٿي ڪمپنيون ۽ ا33 فعال فرينچائيز آهن جن ۾ سندس گهرواري برابر جي ڀائيوار آهي. سندس پرڏيهي ملڪيت جو اندازو 11 ارب 19 ڪروڙ جي ماليت جو لڳايو ويو هو. هن تازو ظاهر ڪيل اثاثن ۾ بيان ۾ چيو هو ته سندس يا گهرواري جو پاڪستان کان ٻاهر ڪو به ڪاروبار ناهي.










