مراد شاهه جو دورو، امدادي سامان واپس، متاثرن جون دانهون

مراد شاهه جو دورو، امدادي سامان واپس، متاثرن جون دانهون

ڊرگهه بالا (ن سنڌيار) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻوڏ جي صورتحال ۾ جوهي ۽ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِ خيمن ۽ کاڌي پيتي جي شيون ۽ امدادي سامان انتظاميه واپس کڻائي وئي. متاثرن جون دانهون ته اسانکي امدادي سامان ورهائڻ لاءِ گهرائي ڌڪا ڏنا ويا آهن. وڏو وزير مراد علي شاهه ڪاڇي ۾ ٻوڏ جي تباهيءَ جو جائزو وٺڻ لاءِ فضائي دورو ڪيو ۽ ايف پي بند کي پيل گهارن ۽ ڪمزور هنڌن جو به جائزو ورتو, آبپاشي جو وزير سهيل انور سيال به هن سان گڏ هو.

CM Sindh visited FP Band, Photo Twitter

ان موقعي تي وڏي وزيرکي اختيارين طرفان کيس نئين گاج جي رڪارڊ پاڻي اچڻ سبب ٿيل نقصان بابت بريفنگ ڏني وئي. وڏي وزير چيو ته ايف پي بند 8 فُٽ تائين پاڻي برداشت ڪري پئي سگهيو ته پوءِ روڻيون ۽ گهارا ڇو پيا؟ وڏي وزير جوهي ۾ ايف پي بند کي لڳل گهارن جي دوري دوران آبپاشي کاتي ۽ مقامي انتظاميا جي سستي تي ڪاوڙ جو اظهار پڻ ڪيو. هن چيو ته بلاول ڀٽو متاثرن جي سهائتا بابت تفصيل وٺڻ لاءِ هر هر رابطي ۾ آهي، اسين سڀني جي مدد ڪنداسين. ان موقعي تي پ پ ايم ان اي رفيق جمالي ۽ ايم پي اي فياض ٻُٽ ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيڻ کان لنوائيندي چيو ته پاڻي گهٽجڻ بعد متاثرن ۾ امداد ورهائبي.ان موقعي تي متاثرن احتجاج ڪندي چيو ته ٻن ڏينهن کان گهرن ۾ پاڻي آهي جان بچائي نڪتا آهيون ٻچا بک تي ويٺا آهن. مراد علي شاهه بيان ته ڏنو پر امداد ٽرڪن ۾ واپس کڻي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو