سڄي دنيا جيان سنڌ ۾ به راکي بنڌن جون تقريبون

سکر(بيورو رپورٽ)هندو مذهب ۾ رڪشا بنڌن ھڪ خوبصورت رشتي جو تھوار آهي. جنھن ۾ ڀينرون پنھنجي ڀائرن جي وڏي ڄمار ۽ ترقي ۽ خوشحال زندگي جي دعا ڪندي  کين راکي ٻڌنڌيون آھن، سڄي دنيا جيان  اڄ سکر ۾ به رڪشا بنڌن جو تهوار وڏي جوش ۽ جزبي سان ملهايو ويو. هندو خاندان جي عورتن پنهنجي ڀائرن کي راکي ٻڌي ۽ آرتي لاٿي. ڀيڻن کي اهو احساس به ڏياريو ويندو آهي ته سندن ڏکي گهڻي ۾ ڌڻي بعد پنهنجا ڀائر ڀرجهلا ٿيندا ۽ مصيبت مان ڪڍندا.

پهنجو تبصرو موڪليو