ڪورونا وائرس ۽ سنڌ ۾ صحت کاتي جا حال، اعجاز ممنائي

دنيا ۾ ڪورونا وائرس تمام وڏي تيزيءَ سان  پکڙجندو اچي پاڪستان به پھتو آھي پاڪستان جي چئن صوبن مان سنڌ صوبي کي ٽارگيٽ ڪري پيش ڪيو ويو جتي جي ماڻھن جي صحت اڳواٽ ئي ڪيترن ئي وائرسن ۾ ورتل آھي اسپتالن جي حالت رحم جوڳي آھي ڪٿي عملي جي کوٽ آھي ته وري ڪٿي دوائن جي اڻاٺ آھي ھي واحد صوبو آھي جتي جون ڳورھاريون عورتون ويم گهر ھوندي رڪشائن ۽ رستن تي ٻار ڄڻينديون آھن مطلب ته ھتان جا غريب مريض درد وچان ھروقت دانھون ۽ ڪوڪون ڪندي نظر اچن ٿا ھن تازي صورتحال ۾ سنڌ حڪومت پاران رڳو اسڪول بند ڪرڻ وارا اعلان سامھون آيا آھن باقي ڪورونا وائرس بابت صحت کاتي کي وارڊ قائم ڪرڻ جا اعلان ڪري سکڻا ڪمرا ڊيڪوريٽ ڪري ڪورونا جي اچڻ جو اوسيئڙو ڪيو پيو وڃي ڇوته اسان جي اسپتالن ۾ جتي موسمي بخار ۽ کنگھه جي دوا ميسر نه ھجي ۽ ڇتي ڪتي جي ڏاڙھيل مريض جي بچاءَ لاءِ ويڪسين اڻلڀ ھجي جتي نانگ جو ڪکيل مريض تڙپي تڙپي مرندو ھجي جتي گيسٽرو جي مريضن لاءِ ڪا دوا ميسر نه ھجي جتي زور زبردستي ٻارڙن جا وارڊ ٺھرايا وڃن پر نه ڊاڪٽر ھجي ۽ نه عملو ھجي اتي جيڪڏھن ڪورونا وائرس جو ڪو ڪيس اچي وڃي ته ڇا ان جو علاج ممڪن آھي؟

يقينن عوام ته پري رھيو پر خود صحت کاتي ۾ ويٺل اعليٰ عملدار به اھو چون ٿا ان جو علاج پوري دنيا ۾ ڪونھي ته اسان وٽ ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو؟.  ان جي باوجود سنڌ حڪومت پنھنجي مدد پاڻ تحت ھٿ پير ھڻي رھي آھي ۽ چئي رھي آھي ته پنھنجي عوام کي آگاھي ڏيو ته اسان سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ ۽ علاج لاءِ تنھائي وارڊ ٺاھيا آھن مھرباني ڪري اوسي پاسي وارن ماڻھن کي ڪورونا جي ڪا نشاني آھي ته انھن جي  مناسب رھنمائي ڪيو پڙھيل لکيل نوجوان کي اپيل آھي ته ماڻھن کي آگاھي ڏيڻ لاء پنھنجو ڪردار ادا ڪن حڪومت سنڌ پاران ڪراچي ۾.سول اسپتال ، لياري اسپتال ، انڊس ميڊيڪل اسپتال، آغا خان يونيورسٽي اسپتال، اوجھا سينٽر، ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال، جناح ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال، حيدرآباد اندر لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال، سکر ۾ مھر ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ، نوابشاهه ۾ پيپلز ميڊيڪل اسپتال، لاڙڪاڻو، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال شامل آھن ان کان علاوھه سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ ڊي ايڇ او آفيسن ۾ به مفت ٽيسٽ جي سھولت موجود آھي جڏھن ته ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ ۾ 48 ڪلاڪ لڳن ٿا ، تنھنڪري شڪي مريض جو تنھائي وارڊ ۾ رکڻ ضروري آھي. حڪومت بار بار اھو چئي رھي آھي ته سڀ گڏجي ماڻھن کي اھا اگاھي ڏيون ته اھڙي مريض  کي لڪائين نه پر پاڻ ۾ به ڪا اهڙي علامت محسوس ڪن ٿا ته فوري طور ٽيسٽ ڪرائين ء پنھنجي ۽ٻين جي زندگي بچائين حڪومت پاران واضح ڪيو ويو آھي ته ھيءُ ٽيسٽون پرائيويٽ ڪرائڻ تي ساڍا ست ھزار خرچ آھي پر سنڌ سرڪار اھا سھولت مفت فراھم ڪري رھي آھي مريض کي رڳو ٽيسٽ سينٽر تائين پھچڻو آھي باقي سمورو علاج مفت ڪيو ويندو.

Photo courtesy BBC

حڪومت پاران پنھنجي عوام لاءِ  ھيءُ پھريون ڀيرو سھولتون فراھم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ڏسجي ته ان تي عمل ڪهڙو ۽ ڪيترو ٿئي ٿو؟. ان مان ظاھر آھي ته اسان جا حڪمران عوام جي مفادن لاء فڪرمند آھن پر اڃان به بھتر ٿئي ھان ته پارٽي اڳواڻ يا صوبي جي وزيراعليٰ طرفان ھر علائقي جي ايم پي اي ۽ ايم اين اي کي پابند ڪيو وڃي ھان ته آئسوليشن وارڊ يا انتظامن جو جائزو وٺن ھان ته اھي سمورا ڪم بيوروڪريٽ پنھنجي نگرانيءَ ۾ ڪري پيو يا رڳو ڪاغذي ڪاروائي ڪري دنيا کي ڏيکاريو پيو وڃي ته اسان ڪورونا وائرس کي مات ڏيڻ وارا آھيون جيڪڏھن سڀ سچي دل سان عوام جا ھڏڏوکي ٿيون ته رڳو ڪورونا ته ڇا پر ھر مرض کي ختم ڪري سگهون ٿا موجودھه صورتحال ۾ عوامي آگاھي مھم ھلائڻ لاءِ ھڪ ڏينھن جي ريلي ڪڍڻ مان ڪجھه به حاصل نه ٿيندو ان جي لاءِ مسلسل سيمينار ۽ گهر گهر مھم ھلائڻ جي ضرورت آھي ته جيئن عوام ان وائرس لاءِ احتياطي تدابيرون اپنائي صفائي سٿرائيءَ جو خاص خيال رکي جيئن حڪومت پاران مختلف چونڪن تي ھٿ ڌورائڻ جو اھتمام ڪيو ويو آھي حڪومت کي گهرجي ته ان ڪم ۾ مختلف ڪمپنين سان گڏ عوام کان به مدد وٺي ۽ ھر پاڙي ۾ ان جو اھتمام ڪري ته ان ۾ بيداري پيدا ٿيندي ۽ عوام جو رجحان صفائي ۽ سٿرائي رکڻ طرف ويندو اسڪولن جي موڪلون ڪرڻ بجاءِ اتي جيڪڏھن تربيتي ورڪشاپ ڪرائي نوجوانن کي مختلف پاڙن ۽ ادارن ۾ موڪليو وڃي ته بھتر نتيجا وٺي سگهون ٿا سنڌ اندر ماسڪ ملڻ ئي محال آھن ته وائرس کان ڪيئن بچي سگهجي ٿو جيڪڏھن حڪومت سنڌ واقعي ھن وائرس کان نجات حاصل ڪرڻ گهري ٿي ته ضرورت واريون گھربل شيون گلوز ۽ ماسڪ وغيرھ جو فوري انتظام ڪري ڇوته وائرس جو ڪو ٻيو ڪارآمد علاج اڃان تائين سامھون نه اچي سگهيو آھي جيڪي پرڏيھه کان ماڻھو اچن ٿا تن جي آئسوليشن ٿي رھي آھي تنھنڪري انھن کي وڌيڪ تنگ نه ڪيو وڃي ۽ ماڻھن کي خوف واري عالم مان ڪڍڻ لاءِ حڪمت عملي ٺاھي وڃي. ماهرن جو چوڻ آهي ته هي قابل علاج مرض آهي ۽ 98 سيڪڙو مريض بچي وڃي ٿو. اقوام متحده ڪورونا کي عالمي وبا ڊڪليئر ڪيو آهي ۽ هن وقت 145 ملڪن م وائرس ڦهلجي چڪو آهي. هڪ لک کان مٿي ماڻهو ان ۾ ورتل آهن. هاڻي ته ايران کانپوءِ وڏي تباهي يورپ ۾ ٿي رهي آهي، اٽلي ۾ حالتون هد کان وڌيڪ خراب آهن. اهڙي صورتحال ۾ ڪجهه ماڻهو دعائن تي به ڀاڙين ٿا دعا ڪريو ته وبا ٽري، هر هڪ جو عقيدو پنهنجي جاءِ تي پر عقل جي ڳالهه اها آهي ته هن وقت دعائن کان وڌيڪ دوائن جو ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو