ڪورونا وائرس، متاثر ملڪن کي عالمي بئنڪ 12 ارب ڊالر ڏيندي

نيو يارڪ (ويب ديسڪ) دنيا جي 70 ملڪن ۾ ڪورونا وائرس پهچڻ بعد ورلڊ بينڪ متاثر ملڪن ۾ صحت ۽ معيشت تي ٿيڻ وارن منفي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ 12 ارب ڊالر جو امدادي پيڪج ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ورلڊ بينڪ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ان فنڊ جو مطلب  متاثر ملڪن جي ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙڻ آهي. ڪورونا وائرس سعودي عرب، خليجي رياستن جي شهرين جي داخل ٿيڻ تي پابندي لڳائي آهي. ان پيڪج جي ذريعي ورلڊ بينڪ ترقياتي ملڪن ۾ صحت جو نظام بهتر بنائڻ ۾ مدد ملندي ۽ عام ماڻهن کي وائرس کان محفوظ ڪري سگهجي ۽ بيماري جي نگراني سان گڏوگڏ نجي شعبي سان ملي ڪري وائرس سان معيشت تي ٿيڻ وارن منفي اثرن کي گهٽ ڪري سگهجي. هي فنڊز متاثر ٿيندڙ  هر ملڪ کي ملندا. انهن ملڪن کي فني نوعيت جي مدد به فراهم ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو