وساڻ مائنر کي گهارو، ڪڻڪ جو تيار فصل ٻڏي ويو

مٽياري (رياض چانڊيو) کيبر ۾ وساڻ مائنر کي ڳوٺ محمود شاھ وٽ اچانڪ 20 فوٽ گهارو لڳي ويو رات جو وقت هجڻ سبب ڳوٺاڻا ننڊ ستل هئا جنهن سبب کين ان وقت خبر پئي جڏهن پاڻي انهن جي گهرن ۾ داخل ٿي ويو گهاري سبب ڪيترن ئي ايڪڙن تي بيٺل ڪڻڪ جو تيار فصل پاڻي هيٺ اچي ويو ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت پنجن ڪلاڪن جي سخت محنت بعد گهاري کي عارضي طور بند ڪري ڇڏيو جڏهن ته ان دوران اطلاع باوجود آبپاشي جا عملدار گهاري واري هنڌ نه پهچي سگهيا آهن گهاري متاثرين جو چوڻ هو ته گهاري کي اسان عارضي طور بند ڪري ڇڏيو آهي پر جيسين وڏي ڪرين نه ايندي مائنر جا ڪپ مضبوط نه ٿيندا ۽ اسان جو نقصان ٿيندو رهندو متاثر ڳوٺاڻن حڪومت سنڌ کان نقصان جي ازالي ۽ آبپاشي عملدارن خلاف ڪاروائي جي گهر ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو