ڏانو ڌانڌل ۾ ايمبولينس ۾ سلينڊر ڦاٽڻ سبب 9 فوت 3 زخمي

ڏانو ڌانڌل ۾ ايمبولينس ۾ سلينڊر ڦاٽڻ سبب 9 فوت 3 زخمي

اسلام ڪوٽ ( رپورٽ صادق بجير ) ننگرپارڪر تعلقي جي شهر ڏانو ڌانڌل ۾ پي پي ايڇ آءِ عملي جي غفلت سبب ايمبولنيس ۾ لڳل آڪسسجن سلينڊر ڦاٽڻ بعد باھ جي نتيجي۾ فوتين جو انگ وڌي 9 ٿي ويو آهي فوتين ۾ 4 لاڳاپيل اسپتال جا ملازم ۽ 5 هڪ ئي خاندان جا ڳوٺاڻا شامل آهن۔ جڏهن ته واقعي ۾ زخمي ٿيل ٻن مڊوائف ثمينه جوڻيجو ۽ نورجهان کي مٺي سول اسپتال ۾ علاج هيٺ رکيو ويو آهي جن جي حالت سڌرندڙ ٻڌائي وڃي ٿي ۽ ٻارڙي سميت ٻن زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي ريفر ڪيو ويو آهي۔ معلوم ٿيو آهي ته ڳوٺ بودر جي رهواسڻ راجو ميگهواڙ کي پي پي ايڇ آء اسپتال ڏانوڌانڌل ويم لاء آندو ويو هو جتي سندس نارمل ڊليوري ٿيڻ کانپوء طبيعت خراب ٿي وئي جنهن کي اسپتال جي ايمبولينس ۾ مٺي ريفر ڪيو پئي ويو ته آڪسيجن وارو گئس سلينڊر تبديل ڪري نئون لڳائڻ دوران ڌماڪي سان ڦاٽي پيو جنهن ڪري ايمبولينس کي باھ وڪوڙي وئي ۽ نتيجي ۾ اسپتال جي ٽن ملازمن پانڌي راڄڙ۔ دينو ميگهواڙ۔ جسونت ميگهواڙ ۽ اسحاق ٿيٻو سميت ڳوٺ بودر جي هڪئي خاندان جا 5 گهر ڀاتي راجو۔ لڇمڻ ميگهواڙ۔ لاڏو ميگهواڙ۔ ڪريمان هڪ معصوم ٻار سميت ڪل 9 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا۔ جڏهن ته واقعي ۾ اسپتال جي ٻن مڊوائف ثمينه جوڻيجو ۔ نورجهان ۔ ٻارڙو اذان خاصخيلي ۽ معصوم ٻارڙو شديد زخمي ٿي پيا جن کي مٺي سول اسپتال آندو ويو ۽ ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري ڪراچي ريفر ڪيو ويو ۽ ٻن ثمينه جوڻيجو ۽ نورجهان کي مٺي سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي جتي سندن حالت سڌرندڙ ٻڌائي وڃي ٿي۔ هوڏانهن پي پي ايڇ آء اختيارين جي نااهلي ۽ غفلت سبب پيش آيل واقعي جي اڃان جاچ شروع نه ڪئي وئي آهي ۽ نه وري واقعي جي ذميوارن جو تعين ڪيو ويو آهي۔ جڏهن ته علائقي واسين واقعي جو ذميوارن پي پي ايڇ آء اختيارين کي قرار ڏيندي شفاف جاچ ۽ ضلعي مئنجر سميت غفلت ڪندڙ عملي خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي

مٺي : ڏانوڌانڌل واقعي بعد پي پي ايڇ آء جا ڊويزن توڙي لاڳاپيل علائقي جي ضلع مئنجر سميت اڪثر آفيسر منظر تان اڃان تائين غائب آهن جڏهن ته پي پي ايڇ آء جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر جاويد جاڳيراڻي مٺي پهچي سول اسپتال ۾ داخل ڏانوڌانڌل واقعي جي ملازم عورتن سان عيادت ڪئي ۽ واقعي بابت تفصيل معلوم ڪيا۔ پي پي ايڇ آء جي سي اي او جاويد جاڳيراڻي ۔ ڊي سي ٿرپارڪر عبدالحليم جاڳيراڻي ۽ ايس ايس پي عارف عزيز جعفري سان گڏجي سول اسپتال ۾ زخمين جي هلندڙ علاج ۽ سهوليتن جو پڻ جائزو ورتو۔ ۔ ان موقعي تي پي پي ايڇ آء جي سي اي او جاويد جاڳيراڻي صحافين سان ڳالهائيندي واقعي جي شفاف جاچ لاء صحت کاتي۔ ضلعي انتظاميه ۽ پي پي ايڇ آء آفيسرن تي مشتمل جوائنٽ جاچ ٽيم جوڙڻ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو اعلان ڪيو هن چيو ته ڏانوڌانڌل اسپتال ۾ ايمولينس کي سلينڊر ڦاٽڻ سبب باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ 9 ڄڻان فوت ٿيا آهن۔ واقعو افسوس ناڪ آهي اسان فوتين ۽ زخمين سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون هن چيو ته واقعي جي مڪمل جاچ ڪرائي ويندي۔ ضلعي مئنجر کانوٺي عملي تائين جنهن جي به نااهلي هوندي ان خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي۔ ايمبولينسز ۾ اهڙي قسم جا واقعا ٿيندا رهندا آهن۔ اسانجي عملي جي ڪٿي به ڪوتاهي ثابت ٿي ته ان کي بخش نه ڪيو ويندو۔ هن چيو ته آئون پاڻ پهتو آهيان فوتين جي وارثن وٽ وڃي تعزيت ڪندس۔ هن چيو ته صحت کاتي جي سيڪريٽري سان صلاح ڪري جوائنٽ جاچ ڪميٽي جوڙينداسين۔ جنهن ۾ ضلعي انتظاميه جو نمائندو به شامل هوندو۔ فوتين جي وارثن ۽ زخمين جي مالي سائتا ڪنداسين۔ پي پي ايڇ آء جون ٿرپارڪر ضلعي ۾ عورتن سان جنسي حراسمينٽ سميت ڪافي شڪايتون ملنديون رهيون آهن ۽ اسان ذميوارن خلاف ڪارروايون پڻ ڪيون آهن۔ هن چيو ته ٿرپارڪر ضلعي ۾ پي پي ايڇ آء پاران وڌ کان وڌ سهوليتون فراهم ڪيون ويون آهن باقي يش آيل واقعو اتفاقي حادثو به ٿي سگهي ٿو۔ پر جيستائين جاچ نه ٿيندي تيستائين ڪا حتمي راء نٿي ڏيئي سگهجي باقي ابتدائي طور چئي سگهجي ٿو ته واقعو آڪسيجن وارو گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب پيش آيو آهي۔ اسان هر طرف کان گڏيل جاچ ڪميٽي ذريعي جاچ ڪنداسين ۽ ذميوارن جو تعين ٿيڻ بعد ڪارروائي ڪنداسين ۔ جاچ کان اڳ ڪارروائي نٿا ڪري سگهون۔

مٺي: ڏانوڌانڌل واقعي ۾ زخمي ٿيل مڊوائف ثمينه جوڻيجو مٺي سول اسپتال ۾ هوش اچڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڳوٺ بودر کان حمل لاء عورت راجو جي ڊليوري نارمل ٿي چڪي هئي پر ڊليوري بعد عورت جو بلڊ پريشر لو ٿيڻ ڪري بي هوش ٿي وئي جنهن کي اسپتال مان مٺي ريفر ڪري رهيا هئاسين ته آڪسيجن سلينڊر تبديل ڪرڻ دوران خوفناڪ ڌماڪو ٿيو ۔ ڌماڪي بعد ايمبولينس کي باھ چند سيڪنڊن ۾ وڪوڙي وئي ۽ ايمبولنيس جي اندر ۽ ٻاهر ويجهو بيٺل سڀني کي باھ لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو۔ اسان باھ ۾ سڙڻ باوجود پوئتي ڀڄي جان بچائي ۽ جيڪو صفا ويجهو هئا اهي اجل جو شڪار ٿي ويا۔ هن چيو ته مريض عورت بي هوش هئي انڪري اسان سڄي اسٽاف کيس ريفر ڪرڻ لاء ايمبولينس وٽ موجود هو ۽ ڌماڪي ٿيڻ بعد اسانجا حواس ختم ٿي ويا ۽ اسان زخمي ٿي پياسين۔ هن چيو ته ايمبولينس وٽ اسانجو عملو ۽ مريض عورت ۽ ان سان گڏ آيل ان جا گهر ڀاتي موجود هئاسين۔

پهنجو تبصرو موڪليو