لاهور (ويب ڊيسڪ) ڳائڻي ۽ اداڪار دانيال ظفر مسلسل مصروفيتن ۽ سفر سبب صحت متاثر ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه عرصي لاءِ شوبز سرگرمين کان پري رهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ انسٽاگرام تي پنهنجي اسٽوري ۾ دانيال ظفر لکيو ته کيس محسوس ٿي رهيو آهي ڄڻ هو پنهنجي همت ۽ برداشت جي آخري حد تائين پهچي چڪو آهي. سندس چوڻ موجب، گذريل ٻن سالن دوران هو مسلسل سفر ۾ رهيو ۽ صورتحال اها هئي جو ڪنهن هڪ هنڌ ڪجهه ڏينهن کان وڌيڪ ترسڻ به ڏکيو ٿي پيو هو. دانيال ظفر جو چوڻ هو ته موسيقيءَ سان گڏ اداڪاريءَ جون ذميواريون نڀائڻ آسان ناهي. مسلسل ڪم ڪرڻ واري معمول سندس صحت کي متاثر ڪيو، جنهن کانپوءِ کيس في الحال صحت کي ترجيح ڏيڻ جو مشورو ڏنو ويو. هن ٻڌايو ته ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي هن پنهنجون سموريون پيشوراڻيون سرگرميون عارضي طور روڪڻ جو فيصلو ڪيو آهي. واضح رهي ته دانيال ظفر تازو ئي ڊراما سيريلز ’رقص‘ ۽ ’زنجيرين‘ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندي نظر آيو هو، جڏهن ته هو پنهنجي نئين اسٽوڊيو البم ’اسٽورمز اينڊ سيرينٽي‘ جي مشهوريءَ ۾ پڻ مصروف هو.










