ڪاميڊين نديم برال لاهور ۾ وفات ڪري ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) مشهور ڪاميڊين نديم برال وفات ڪري ويو آهي سندس جنازي نماز  لاهور جي عسڪري واري علائقي ۾ جمعي نماز بعد اد ڪئي ويندي. هو ٻن سالن کان جيو گروپ جي مزاحيه پروگرام خبرناڪ سان لاڳاپيل هو. هون سوڳوارن ۾ بيوه ۽ 5 ٻار ڇڏيا آهن. هو 30 سالن کان اسٽيج ۽ ٿيٽر سان لاڳاپيل رهيو ۽ مسهور ڪاميڊين ببو برال جو شاگرد هو. هن خبرناڪ ۾ مجيد، سڌو پاجي ۽ انسپيڪٽر قريشي جا لازوال ڪردار ادا ڪيا. سڄي هياتي مرڪون وکيريندي نيٺ پنهنجي چاهڻ وارن کي لڙڪ ڏئي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو