ييلو لائين تي ڏينهن رات ڪم جاري رکڻ جي هدايت

ييلو لائين تي ڏينهن رات ڪم جاري رکڻ جي هدايت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ يلو لائين بي آر ٽي منصوبي تي ڏينهن رات ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته يلو لائين بي آر ٽي ڪراچي جي پبلڪ ٽرانسپورٽ نظام جو اهم منصوبو آهي.سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ يلو لائين بي آر ٽي منصوبي بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جي سيڪريٽري اسد ضامن، يلو لائين جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڪمال دائود، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي بهزاد ميمڻ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران يلو لائين بي آر ٽي جي مختلف تعميراتي ڪمن، اڳڀرائي ۽ منصوبي جي اهم حصن جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته لاڳاپيل عملدارن سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي منصوبي تي جاري ڪم ۽ مختلف تعميراتي پيڪيجز بابت بريفنگ ڏني. شرجيل انعام ميمڻ هدايت ڪئي ته منصوبي سان لاڳاپيل سمورا ڪم باهمي رابطي ۽ گڏيل حڪمت عملي تحت اڳتي وڌايا وڃن ۽ تعميراتي ڪم ڏينهن رات جاري رکيو وڃي، جيئن شهرين کي جديد سفري سهولتون فراهم ڪرڻ وارو منصوبو جلد مڪمل ٿي سگهي. سينيئر وزير تاج حيدر پل جي ٻئي حصي تي جاري ڪم کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پل جي تعميراتي ڪم ۾ تيزي سان اڳڀرائي يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته منصوبي جي اهم حصن، خاص طور ڊيپوز جي تعميراتي ڪم کي به ترجيحي بنيادن تي اڳتي وڌايو وڃي، جڏهن ته منصوبي جي هر حصي جي باقاعدي نگراني ڪئي وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته تعميراتي ڪم جي رفتار سان گڏ معيار کي به يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته ڪراچي ۾ جديد ۽ مربوط ماس ٽرانزٽ نظام جي فراهمي لاءِ مختلف منصوبن تي ڪم جاري آهي، يلو لائين بي آر ٽي سنڌ حڪومت جي جامع ٽرانسپورٽ ويزن جو حصو آهي. سينيئر وزير چيو ته ڪراچي جي وڌندڙ آبادي ۽ سفري ضرورتن کي نظر ۾ رکندي جديد پبلڪ ٽرانسپورٽ نظام وقت جي اهم ضرورت آهي. سنڌ حڪومت عوام کي بهتر سفري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو