هاءِ ڪورٽ 18 سالن کان گهٽ، شادي جي اجازت ناهي ڏني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران 18 سالن کان گهٽ عمر جي ڇوڪري کي شادي جي اجازت ڏيڻ بابت خبرن جي ترديد ڪئي آهي. مسيحي ڇوڪري مهڪ پاران عبدالجبار سان پسند جي شادي ڪئي وئي آهي پر ڇوڪري جي ماءُ عدالت ۾ آئيني درخواست داخل ڪري موقف اختيار ڪيو هو ته سندس ڌيءُ جي عمر 18 سال کان گهٽ آهي. جنهنڪري هو شادي نه ٿي ڪري سگهي، ۽ نڪاح به ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. سنڌهاءِ ڪورٽ پاران جاري ٿيل پريس رليز ۾ وضاحت ڪئي وئي آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اهڙي قسم جو ڪو به فيصلو نه ٿيو آهي جڏهن ته ڪجهه ٽي وي چينلز ۽ سوشل ميڊيا تي اهڙيون خبرون هلايون ويون آهن ته 18 سالن کان گهٽ عمر واري ڇوڪري کي شادي جي اجازت ڏني وئي آهي. ان سان حقيقت جو ڪو به تعلق ناهي، جڏهن ته مهڪ بابت سندس ماءُ جي درخواست تي ڪيس هلي پيو گذريل ٻڌڻي تي درخواست گذار به پيش نه ٿي هئي پر کيس عدالت طلب ڪري ورتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو