راولپندي (ويب ڊيسڪ): خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جي انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائين دوران ڀارتي سرپرستيءَ ۾ هلندڙ فتنة الخوارج سان تعلق رکندڙ 10 دهشتگرد مارجي ويا آهن.پاڪ فوج جي شعبہ تعلقات عامه (آءِ ايس پي آر) موجب 6 آگسٽ تي خيبر پختونخواهه جي ٻن الڳ الڳ علائقن ۾ آپريشن ڪيا ويا. پهرين ڪارروائي ڏکڻ وزيرستان جي ضلعي اعظم ورسڪ ۾ ڪئي وئي، جتي خوارجن پاران فورسز جي چيڪ پوسٽن تي حملي جي جواب ۾ 8 دهشتگرد هلاڪ ڪيا ويا. ٻي ڪارروائي ضلعي دير ۾ ڪئي وئي جتي 2 دهشتگرد مارجي ويا. مارجي ويلن وٽان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف ڪامياب آپريشن تي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته قوم کي پنهنجي بهادر جوانن جي قربانين تي فخر آهي ۽ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جا ناپاڪ عزائم هر قيمت تي ناڪام بڻايا ويندا.










