اسلام آباد (بيورو رپورٽ) دفتر خارجه جي ترجمان عائشه فاروق چيو آهي ته افغانستان کان 2 مارٽر گولا فائر ڪيا ويا پر ان سان ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي. ان واقعي بابت ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته طورخم سرحد جو دروازو سيڪيورٽي سبب بند ڪيو ويو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ان معاملي کي افغان حڪومت اڳيان اٿاريو ويو آهي ۽ ڄاڻايل گيٽ کي جلد کوليو ويندو. واضح رهي ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ واپار کي فروغ ڏيڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان گذريل سال طورخم سرحد کي 24 ڪلاڪ کولي رکڻ جو فيصلو ڪيو هو. واضح رهي ته اهو پهريون ڀيرون ناهي جو افغانستان کان سرحد پار حملو ڪيو ويو هجي پر گذريل سال آڪٽومبر ۾ به فائرنگ جي نتيجي ۾ 11 ماڻهو زخمي ٿيا هئا. افغان فورسز طرفان ڪنٽر صوبي جي ضلعي نارائي کان مارٽر گولن ۽ وڏين مشن گن سان چترال جي ڳوٺ آروندو جي شهري آبادي کي نشانو بڻايو ويو هو. ان واقعي کان ڪجهه ڏينهن اڳ مغربي سرحد ويجهو شمالي وزيرستان ۾ اسپن وام جي علائقي اباخيل ۾ گشت ڪندڙ سيڪيورٽي فورسز تي شدت پسندن فائرنگ ڪئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ بلتستان جو رهوسي سپاهي اختر حسين شهيد ٿي ويو هو جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ 2 شرپسند مارجي ويا هئا. اهو به واضح رهي ته گذريل سال جولاءِ ۾ شمالي وزيرستان ۾ پاڪ افغان سرحد تي پنهنجا فرائض سرانجام ڏيندڙ سيڪيورٽي اهلڪارن تي افغانستان جي سرحدي علائقي کان حملو ڪيو ويو هو جنهن جي نتيجي ۾ 6 جوان شهيد ٿي ويا هئا.










