ستار پيرزادي جي وڇوڙوي ادبي لڏي جو جيءُ جهوري وڌو – صاحب خان ڀٽي

سنڌ ڌرتي ۾ ناليوارن شاعرن، اديبن، ليکڪن، سگهڙن ۽ دانشورن جنم ورتو آهي، جن پنهنجي لکڻين، شاعري ۽ ڏات ذريعي ماڻهن تي وڏو اثر ڇڏيو آهي، سندن لکڻين ۽ شاعري جي ڪري ماڻهو سندن مداح بڻجي ويندا آهن، سندن پاڙون پنهنجي ڌرتيءَ ۽ سماج ۾ کتل هونديون آهن، ايتري قدر جو سندن شاعري ۽ لکڻين جي ڪري سنڌ جو آواز ايوان تائين پهچي ويندو آهي، سندن شاعري ۽ لکڻين ۾ وطن سان محبت ڀريل آهي ۽ هر هڪ ماڻهو جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي وٺندا آهن، جن پنهنجي لکڻين ۽ شاعريءَ ذريعي پنهنجي ٻولي ۽ قوم وڏي خدمت ڪئي آهي، جيڪڏهن چيو وڃي ته اديب، دانشور، ليکڪ ۽ شاعر ٻولي جا محافظ آهن ته ان ۾ به ڪو شڪ نه ٿيندو، اديبن ۽ شاعرن جي ڪري ئي ٻولي جي بقا ٿي رهي آهي، اهي ماڻهو هوندا آهن، جن کي پنهنجي قومي ٻولي ۽ وطن سان محبت ٻين جي ڀيٽ وڌيڪ هوندي آهي، اهڙا ماڻهو هميشه پنهنجي ٻولي ۽ قوم لاءِ فڪر مند رهندا آهن. جيئن ته قومون ڌرتيءَ ۽ ٻولي جي ڪري ئي سڃاتيون وينديون آهن،  سنڌ جا شاعر ۽ اديب پنهنجي لکڻين ذريعي ٻولي کي مڃتا ڏيارڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري رهيا آهن ۽ ٻولي کي بچائڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن، سنڌ جي اديبن، دانشورن، ليکڪن ۽ شاعرن به شعوري سگهه ذريعي وطن لاءِ سگهارو ادب لکيو آهي،ستار پيرزادو به انهن مان هڪ آهي، جنهن کي پنهنجي ٻولي جي تمام گهڻي ڳڻتي رهندي هئي، هو هميشه ٻولي کي بچائڻ لاءِ سوچيندو رهندو هو، ڇاڪاڻ ته اڄ جي دور ۾ سنڌي ٻولي ۾ غير سنڌي لفظ استعمال ٿي رهيا آهن،  اهو ئي سبب آهي جو ستار پيرزادو هميشه سنڌي ادارن کي ٻولي جي بقا جون هدايتون ڪندو رهندو هو ۽ غير لفظ استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ جو چوندو هو. هن پنهنجي تحقيقي لکڻين سان به سٺو نڀايو آهي، ستار پيرزادي کي ادب ۽ شاعري سان وڏو شوق هو، هو هميشه ڪو نه ڪو پڙهندو رهندو هو، حقيقت ۾ کيس ننڍي هوندي ئي کان نثر ۽ نظم سان وڏو لڳاءُ هوندو هو. ستار پيرزادو پنهنجي لکڻين ذريعي ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو ٻاجهارو ۽ انسان دوست ۽ وطن پرست شخصيت جو مالڪ هو. جنهن دنيا جي ادب کي پڙهيو ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مشاهدو به ڪيو، هو هڪ عملي انسان هو، جنهن کي پنهنجي ٻولي سان تمام گهڻو لڳاءُ هوندو هو. موهن جي دڙي لڳ ڳوٺ ٻلڙيجي جي ٻارهن شاعرن جي ڇپيل شاعري جي مجموعن مان چونڊ شاعري ۽ سندن شخصيت جي باري ۾ ستار پيرزادي هڪ ڪتاب “ سنڌوءَ ڪناري سنگيت” به لکيو، ان کان علاوه هن 20 کان وڌيڪ ڪتاب  به لکيا، جن ۾ شاعري، نثر، ڪهاڻيون، مضمون ۽ ترجمان پڻ شامل آهن. ڇپيل شاعري کي “سورن سانڀائو” جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ۲۰۱۰ ۾ پڌرو ڪيو. هن جي اها شاعري گهڻي قدر سياست تي آهي.سندس ڪهاڻين تي ٻڌل ڪتاب “سي ئي جوڀن ڏينهن” پڙهندڙن ۾ گهڻو مقبول ٿيو آهي.هن ڪيترن  ئي ڪتابن جو ترجمو به ڪيو، سندس ترجمن جي ڪتابن ۾ امرتا پريتم جو ناوليٽ تيرهون سج، سرمد شهيد به شامل آهن. ستار پيرزادي جي لائبريري به آهي، جيڪا ننڍي آهي، جنهن ۾ ڀٽائي، شيخ اياز جي شاعري ۽ تصوف تي وڏو مواد موجود آهي.

موهن جي دڙي لڳ ڳوٺ ٻلهڙيجي جي مٽيءَ مان پيدا ٿيل شاعر، محقق، اديب، ڪهاڻيڪار۽ ڪالم ڪارستار پيرزادي 29جنوري 1950ع ۾ علي پيرزادي جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس اصل نالو عبدالستار آهي ، جڏهن ته ستار پيرزادو سندس ادبي نالو آهي. ستار پيرزادي کي ننڍ پڻ بيماري سبب گهر رهڻو پيو، جنهن کانپوءِ سندس ڪتاب پڙهڻ ۾ دلچسپي وڌي وئي، هن 1968ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي، جنهن کانپوءِ ٽنڊو ڄام ۾ سنڌ ايگريڪلچر ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۾ کيس نوڪري ملي، کيس ڪتاب خريد ڪري پڙهڻ جو وڏو شوق هوندو هو، جڏهن به کيس واندڪائي ملندي هئي هو ڪتاب کڻي پڙهڻ شروع ٿي ويندو هو. ايتري قدر جو هو ادبي لڏي جي تمام گهڻو ويجهو به اچي ويو هو، 1970ع ۾ ستار پيرزادو حيدرآباد لڏي آيو، جتي هو اڀري نروار ٿيو، 1971ع ۾ ستار پهريون مضمون شيخ اياز جي شاعريءَ تي لکيو، ستار پيرزادو شيخ اياز جي شاعري کي تمام گهڻو پسند ڪندو هو ۽ سندس مداح بڻجي ويو هو. ڇاڪاڻ ته هو شيخ اياز کان تمام گهڻو متاثر هو، سندس شيخ اياز سان به تمام گهڻي ويجهڙائپ رهي ۽ هو اڪثر شيخ اياز سان ملاقاتون ڪندو رهندو هو، جڏهن هو بيمار ٿي اسپتال ويو اتي به ان جي خدمت ڪيائين، ستار پيزادي جي پهرين شاعري هلال پاڪستان اخبار جي هفتيوار ميگزين ۾ شايع ٿي، جنهن کانپوءِ  هن شاعري لکڻ جاري رکيو، سندس لکڻين کي ماڻهو تمام گهڻو شوق سان پڙهندا هئا.

مون کي ستار پيرزادي کي پڙهڻ جو موقعو هڪ اخبار مان مليو، جڏهن مون نئون نئون لکڻ شروع ڪيو ته اخبار خريد ڪرڻ جو شوق به ٿيو، هڪ ڏينهن منهنجو هڪ اخبار ۾ آرٽيڪل لڳو ته مون ستار پيرزادي جو آرٽيڪل ڏٺو ۽ ان آرٽيڪل کي پڙهي تمام سٺو لڳو ۽ مون کي تمام گهڻو سکڻ جو موقعو به مليو، هفتيوار مان سندس آرٽيڪل پڙهندو هئس، سندس لکڻين ۾ عجيب اثر هوندو هو، جيڪو به هڪ دفعو ڪالم پڙهڻ شروع ڪندو هو ته آخر تائين پڙهڻ تائين مجبور ٿي ويندو هو، اهو ڏات ڪنهن ڪنهن ماڻهو ۾ هوندو آهي، سندس هر ڪالم ۾ وڏي تقيق ٿيل هوندي هئي. سندس ادب لاءِ ڪيل خدمتون ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگهجن.

ستار پيرزادو ڪجهه ڏينهن کان دل جي بيماري سبب بيمار هو، کيس ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال  ۾ داخل ڪرايو هو، جتي 21 فيبروري 2020ع تي آڪاش تي ڇانيل آسماني ڪهڪشان جو هڪ ستارو هميشه لاءِ آڪاش تان گم ٿي ويو. مرحوم جو مڙهه سندس اباڻي ڳوٺ ٻلهڙيجي آندو ويو، جتي اباڻي قبرستان سخي شاهه جمال ۾ سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.سندس اوچتي وڇوڙي اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن جو جيءُ جهوري وڌو آهي، ادبي لڏي ۾ سوڳ چانئجي ويو آهي، ستار جي وڇوڙي سان سنڌي ادب ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي، جيڪو شايد صدين تائين ڀرجي نه سگهندو، اديبن ۽ شاعرن طرفان سندس ٻولي لاءِ ڪيل خدمتن تي ڀيٽا به پيش ڪئي وئي آهي ، ايتري قدر جو سندس سنڌي ٻولي ۾ غير سنڌي  لفظن جي استعمال کي روڪڻ واري مشن   کي پورو ڪرڻ جو ورجاءُ به ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو