اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٽيڪس جو پئسو قوم جي امانت آهي، انهي جي حفاظت اسان جو فرض ۽ هڪ هڪ پائي جو حساب ڏيڻ قومي ذميواري آهي.وزيراعظم جي صدارت هيٺ ايف بي آر جي معاملن تي هفتيوار جائزه اجلاس ٿيو اجلاس جي موقعي تي اوور انوائسنگ جي حوالي سان ٺاهيل ڪميٽي جي رپورٽ به پيش ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته 2017 کان 2022 جي دوران اوور انوائيسنگ جو مڪروهه ڌنڌو هلندو رهيو ۽ لاڳاپيل ادارا پنهنجن فرضن کان مسلسل غافل رهيا. هن انهي معاملي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف قانوني ڪارروائي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.هن مشتاق احمد سکيرا جي سربراهي ۾ ٺاهيل ڪميٽي جي رپورٽ جي توثيق ڪئي جڏهن ته شاهد خان جي سربراهي ۾ غفلت جي حقدار ماڻهن ۽ ادارن جو تعين ڪرڻ ۽ انهي جي خلاف محڪماڻي ڪارروائي لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي جلد رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت به ڪئي.وزيراعظم زور ڏنو ته اهڙن واقعن کي مستقبل ۾ روڪڻ جي جامع حڪمت عملي ٺاهي وڃي. شهباز شريف هدايت ڪئي ته فنانشنل مونيٽرنگ يونٽ کي هڪ فعال ادارو بنايو وڃي ۽ انهي ۾ ايف آءِ اي ۽ انٽيليجنس بيورو جا نمائندا به شامل ڪيا وڃن. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايف بي آر سنٽرلائز ڊيرائس ويريفڪيشن پورٽل ٺاهيو آهي جون جي آخر تائين اهو پورٽل بينڪن سان جوڙيو ويندو. ايف بي آر جي پوسٽ ڪليئرنگ آڊٽ ونگ آڪٽوبر 2022 ۾ انهي اوور انوائسنگ ڌنڌي جي نشاندهي ڪئي. انهي دوران مرتڪب ماڻهن جي خلاف 13 ايف آءِ آر داخل ٿي چڪيون آهن جڏهن ته قانوني ڪارروائي به جاري آهي.اجلاس ۾ وفاقي وزيرن مصدق مسعود ملڪ، احد خان چيمه، عطاءُالله تارڙ، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ، ناڻي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، ايف بي آر چيئرمين ۽ اعليٰ سرڪاري اختياريون به شريڪ ٿيون.










