واٽس ايپ پاران نئين اپڊيٽ متعارف ڪرائڻ جي تياري

واٽس ايپ پاران نئين اپڊيٽ متعارف ڪرائڻ جي تياري

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ ) دنيا جي سڀ کان مشهور انسٽنٽ ميسيجنگ ايپ واٽس ايپ جي ويب ورزن لاءِ جلد ئي هڪ اهم اپڊيٽ متعارف ڪرائي پئي وڃي. رپورٽن موجب، صارفين کي ڪيترائي نوان ڊيسڪ ٽاپ ٿيم فراهم ڪيا ويندا. ميٽا جي ملڪيت واري واٽس ايپ ويب لاءِ لڳ ڀڳ 49 نوان ٿيم تي ڪم ڪيو پيو وڃي، جيڪي هن وقت ٽيسٽنگ مرحلي ۾ آهن. انهن ٿيم ۾ موجوده ڊفالٽ ٿيم شامل آهي، جڏهن ته ڊفالٽ لائٽ ٿيم سان ڪل تعداد 50 تائين پهچي ويندو. هي ترقي واٽس ايپ ويب استعمال ڪندڙن لاءِ خاص طور تي اهم آهي ڇاڪاڻ ته موبائل ايپ جي مقابلي ۾ ويب ورزن ۾ اپڊيٽ نسبتاً گهٽ متعارف ڪرايا ويندا آهن. بهرحال، ڪمپني اڃا تائين واضح نه ڪيو آهي ته هي فيچر ڪڏهن سڀني استعمال ڪندڙن لاءِ دستياب هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو