جنگ جي ڇانوَ هيٺ امن جون ڪوششون ۽ پاڪستان جو اهم ڪردار

جنگ جي ڇانوَ هيٺ امن جون ڪوششون ۽ پاڪستان جو اهم ڪردار

ڪالم نگار: غلام مصطفیٰ جمالي
موجوده عالمي حالتن ۾ وچ اوڀر هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙي خطرناڪ موڙ تي اچي بيٺو آهي جتي هر ننڍي فيصلي جا اثر رڳو علائقي تائين محدود نه پر پوري دنيا تائين پکڙجي سگهن ٿا۔ ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ نه رڳو سفارتي محاذ تي گرمي پيدا ڪئي آهي پر ان سان گڏوگڏ معاشي، سياسي ۽ عسڪري خطرا به وڌي ويا آهن۔ اهڙي حساس صورتحال ۾ پاڪستان جو اڳتي وڌي جنگ بندي جي تجويز پيش ڪرڻ هڪ ذميوار ۽ دور انديش قدم طور ڏٺو پيو وڃي، جيڪو خطي ۾ امن لاءِ هڪ اميد جي ڪرڻ بڻجي سگهي ٿو۔
پاڪستان طرفان جنگ بندي جي تجويز پيش ڪرڻ ڪا اوچتي ڳالهه ناهي، پر اها ملڪ جي ڊگهي عرصي کان جاري سفارتي پاليسي جو حصو آهي، جنهن جو مقصد هميشه تڪرارن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ رهيو آهي۔ پاڪستان پنهنجي جاگرافيائي حيثيت ۽ اسلامي دنيا ۾ اهميت سبب هميشه اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن سان نه رڳو علائقائي پر عالمي سطح تي به امن قائم رهي سگهي۔ هن وقت جڏهن دنيا جا وڏا ملڪ پنهنجي مفادن جي تحفظ لاءِ طاقت جو استعمال ڪرڻ کان به نه ڪيٻائين ٿا، تڏهن پاڪستان جو امن لاءِ اڳتي اچڻ يقيناً ساراهه جوڳو عمل آهي۔
ايران طرفان هن تجويز جو غور سان جائزو وٺڻ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته صورتحال جي سنگيني کي محسوس ڪيو پيو وڃي، پر ساڳئي وقت ايران جو موقف به واضح آهي ته هو ڪنهن به دٻاءُ ۾ اچي فيصلا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي۔ ايران جو چوڻ آهي ته مستقل جنگ بندي لاءِ سنجيدگي ضروري آهي، جڏهن ته عارضي قدمن سان مسئلن جو حل ممڪن ناهي۔ خاص طور تي آبنائے هرمز جهڙي اهم سامونڊي گذرگاهه جي حوالي سان ايران جو سخت موقف عالمي واپار ۽ توانائي جي فراهمي تي وڏو اثر وجهي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته دنيا جي وڏي حصي جو تيل هن رستي ذريعي گذرندو آهي۔
ٻئي طرف آمريڪا جو موقف پڻ انتهائي اهميت جوڳو آهي، ڇاڪاڻ ته آمريڪا نه رڳو فوجي طاقت رکي ٿو پر عالمي سياست ۾ به هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو۔ ايران جو اهو چوڻ ته واشنگٽن مستقل امن لاءِ سنجيده ناهي، هن تڪرار کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ٿو۔ جيڪڏهن ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ اعتماد جي کوٽ برقرار رهي ٿي ته پوءِ ڪنهن به جنگ بندي جي ڪوشش ڪامياب ٿيڻ ڏکيو ٿي پوندو۔
اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان، ترڪي، مصر ۽ سعودي عرب جهڙا ملڪ گڏجي هڪ سفارتي محاذ تي ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪو يقيناً هڪ مثبت قدم آهي۔ انهن ملڪن جي گڏيل ڪوششن سان نه رڳو تڪرار کي گهٽائي سگهجي ٿو پر هڪ اهڙو ماحول به پيدا ٿي سگهي ٿو جتي ڳالهين ذريعي مسئلن جو حل نڪري سگهي۔
پاڪستان جي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو مختلف ملڪن سان رابطو رکڻ ۽ سفارتي سرگرمين ۾ سرگرم هجڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان هن معاملي کي انتهائي سنجيدگي سان وٺي رهيو آهي۔ ساڳئي وقت ايراني وزير خارجہ عباس عراقچي جو پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهڻ پڻ هڪ اهم اشارو آهي، جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهتر لاڳاپن ۽ اعتماد کي ظاهر ڪري ٿو۔
موجوده حالتن ۾ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته دنيا کي هڪ وڏي جنگ کان بچايو وڃي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هي تڪرار وڌي ٿو ته ان جا اثر نه رڳو وچ اوڀر پر سڄي دنيا تي پوندا۔ توانائي جي کوٽ، واپار ۾ رڪاوٽون ۽ معاشي بحران جهڙا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا، جيڪي اڳ ئي عالمي سطح تي موجود مسئلن کي وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيندا۔
تاريخ گواهه آهي ته جڏهن به وڏيون طاقتون پاڻ ۾ ٽڪراءُ ۾ آيون آهن ته ان جا نتيجا تمام تباهه ڪندڙ نڪتا آهن۔ پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ به اهڙي ئي طاقت جي مقابلي جو نتيجو هيون، جن ۾ لکين انسان پنهنجون جانيون وڃايون۔ اڄ جي دور ۾ جڏهن هٿيارن جي طاقت اڳ کان به وڌيڪ وڌي چڪي آهي، تڏهن ڪنهن به وڏي جنگ جا نتيجا اڃا وڌيڪ خطرناڪ ٿي سگهن ٿا۔
ان ڪري ضروري آهي ته سڀئي ڌريون هوش کان ڪم وٺن ۽ تڪرار کي وڌائڻ بدران ان کي گهٽائڻ لاءِ قدم کڻن۔ پاڪستان جي ڪوششون ان سلسلي ۾ هڪ مثبت شروعات آهن، جن کي عالمي سطح تي به ساراهيو وڃي ٿو۔ جيڪڏهن ٻين ملڪن به اهڙي سنجيدگي ڏيکاري ته يقيناً هڪ پائيدار امن جو رستو هموار ٿي سگهي ٿو۔
وچ اوڀر جي موجوده صورتحال رڳو سياسي يا عسڪري مسئلو ناهي، پر اهو انساني الميي ۾ به تبديل ٿي سگهي ٿو۔ جنگ جي صورت ۾ هزارين بيگناهه ماڻهو متاثر ٿيندا، گهر تباهه ٿيندا ۽ زندگي جو نظام درهم برهم ٿي ويندو۔ ان ڪري عالمي برادري تي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو هن بحران کي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري۔
پاڪستان جو اهو قدم ته هو جنگ بندي لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي، نه رڳو سفارتي لحاظ کان اهم آهي پر اخلاقي طور به هڪ وڏي اهميت رکي ٿو۔ اهو دنيا کي اهو پيغام ڏئي ٿو ته اختلافن کي ڳالهين ذريعي حل ڪري سگهجي ٿو ۽ جنگ آخري حل نه هجڻ گهرجي۔
ساڳئي وقت اهو به ضروري آهي ته عالمي ادارا جهڙوڪ گڏيل قومون به هن صورتحال ۾ وڌيڪ سرگرم ڪردار ادا ڪن، جيئن ته هو هڪ اهڙو پليٽ فارم مهيا ڪري سگهن جتي سڀئي ڌريون ويهي پنهنجا مسئلا حل ڪري سگهن۔
جيڪڏهن هن وقت سنجيدگي سان قدم نه کنيا ويا ته مستقبل ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي، جنهن جا نتيجا ڪنهن به صورت ۾ مثبت نه هوندا۔ ان ڪري سڀني ڌرين کي گهرجي ته هو پنهنجي مفادن کان مٿي ٿي عالمي امن کي ترجيح ڏين۔
آخر ۾ اهو چوڻ مناسب ٿيندو ته پاڪستان جو ڪردار هن بحران ۾ هڪ اميد جي ڪرڻ آهي۔ جيڪڏهن هن ڪوشش کي جاري رکيو ويو ۽ ٻين ملڪن جو به تعاون حاصل ٿيو ته يقيناً هڪ اهڙو حل نڪري سگهي ٿو، جيڪو نه رڳو هن تڪرار کي ختم ڪندو پر مستقبل ۾ اهڙن مسئلن کان بچڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيندو۔
غلام مصطفيٰ جمالي کڏھرو موري ضلع بدين

پهنجو تبصرو موڪليو