ملڪ ۾ 5G اسپيڪٽرم جي نيلامي شروع ڪرڻ جو اعلان

ملڪ ۾ 5G اسپيڪٽرم جي نيلامي شروع ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت سڀاڻي (اڱاري) کان ملڪ ۾ 5G اسپيڪٽرم جي نيلامي شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ، آئي ٽي واري وزير شزا فاطمه ۽ چيئرمين پي ٽي اي ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان صحافين کي 5G نيلامي تي پس منظر بريفنگ ڏني.وفاقي وزير شزا فاطمه چيو ته 1987 کان وٺي سڄو پاڪستان 274 ميگا هرٽز تي ڪم ڪري رهيو آهي، سڀاڻي ملڪ ۾ 600 ميگا هرٽز اسپيڪٽرم جي نيلامي ٿيڻ واري آهي، 5G اسپيڪٽرم جي نيلامي سافٽ ويئر ذريعي ڪئي ويندي، نيلامي جو عمل لائيو هوندو جنهن ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو ويندو.چيئرمين پي ٽي اي ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان چيو ته ٽيليڪام ڪمپنين نيلامي ۾ حصو وٺڻ لاءِ پنهنجا صلاحڪار رکيا آهن. ماڪ نيلامي دوران، سڀني ٽيليڪام ڪمپنين سافٽ ويئر جي جانچ ڪئي، ۽ ڪنهن به ڪمپني ڪو به خدشو ظاهر نه ڪيو.هن چيو ته 5G جي اچڻ سان موبائل پيڪيجز مهانگا نه ٿيندا، پي ٽي اي يقيني بڻائيندو ته پيڪيجز جي قيمت نه وڌي، اهو يقيني ناهي ته 5G نيلامي مان ڪيترو آمدني ٿيندي، حڪومت جو مقصد پئسا گڏ ڪرڻ نه آهي، مقصد ڪنيڪٽيويٽي کي بهتر بڻائڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو