زيڊ اي ڀٽو جو جنم ڏهاڙو ۽ اڄوڪا چئلينجز! گل محمد جکراڻي

شھيد ذوالفقار علي ڀٽو آمر جنرل ايوب خان  جي آمراڻن قدمن ۽ عوامي حقن جي حاصلات لاءِ اختلاف ڪندي پرڏيهي وزير جي عھدي تان استعيفيٰ ڏئي 1967 ۾ پ پ پ جو بنياد وڌو. شھيد ڀٽي ڪڏهن به اصولن تي سوديبازي نه ڪئي، آخري دم تائين سامراجي قوتن سان مقابلو ڪيو، آخرڪار جنرل ضياءَ جھڙي ظالم ۽ منافق فوجي آمر سان مھاڏو اٽڪائيندي شھادت جو جام نوش ڪيو. اھڙي طرح شھيد محترمه بينظير ڀٽو به پنهنجي عظيم والد جي نقش قدم تي عمل ڪندي جنرل ضياءَ ۽ جنرل پرويز مشرف جھڙي آمرن سان مقابلو ڪندي لياقت باغ راولپنڊي دھشتگردن ۽ آمرن کي چئلينج ڪندي شھيد ٿي وئي. اھڙي طرح پ پ جي سوين ڪارڪنن شھادت جو جام نوش ڪيو، ھزارين ڪارڪنن جيل جون صعوبتون برداشت ڪيا ۽ پنهنجي جسمن تي ڦٽڪا برداشت ڪيا ۽ ڦاسي جي ڦندي کي چمندي جيئي ڀٽو جا نعرا ھڻي شھيد ڀٽو جي نظريي کي زندھ رکيو آهي. 1971ع ۾ پاڪستان ٽٽي چڪو ھو، باقي بچيل پاڪستان جو اقتدار ڀٽو صاحب جي حوالي ڪيو ويو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو دور ھنگامن ۽ بحرانن سان ڀريل رهيو. ذوالفقار علي ڀٽو جو دور طويل داستان سان ڀريل آهي، جنھن کي ھڪ آرٽيڪل ۾ بند نٿو ڪري سگھجي. ان وقت ڀٽو اقتدار سنڀاليو، جڏھن پاڪستاني قوم پنهنجي تاريخ جي بدترين دور مان گذري رهي هئي، پاڪستان جو وجود چڪنا چور ٿي ويو ھو، ان حالت ۾ هي ملڪ ڪنهن جي ڪري بچيل هو ته اھو فقط ذوالفقار علي ڀٽو ھو. 1971 جي جنگ کان پوءِ فوج جو مورال ختم ٿي چڪو ھو، ان ڪري ان وقت قوم جون نظرون ذوالفقار علي ڀٽو ۾ هيون، جيڪو ھڪ مسيحا جي روپ ۾ سامھون اچي چڪو ھو. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام جي اميدن مطابق اقتدار سنڀاليو، هن پرڏيهي پاليسي تي وڌيڪ ڌيان ڏنو، ڀٽو صاحب جي سياسي بصيرت جي ڪري عالمي دنيا ۾ پاڪستان جي وڃايل ساک ۽ حيثيت ٻيھر بحال ٿي وئي، چين ۽ لبيا کان علاوه عرب ملڪ پاڪستان جا دوست ٿي ويا، اھا ڳالھ ھڪ معجزي کان گھٽ نه هئي. ھڪ ڳالهه ياد رکڻ گھرجي ته 1960 ۽ 1970 واري ڏھاڪي ۾ ھن دنيا ۾ ڪيترائي اھم اڳواڻ پيدا ٿيا، انھن ۾ سعودي عرب جو شاھ فيصل، شام جو صدر حافظ الاسد، ايران جو امام خميني، مصر جو جمال عبدالناصر ۽ انور سادات، اردن جو شاھ حسين، آمريڪا جو صدر جان ايف ڪينيڊي، ڏکڻ آفريڪا جو نيلسن منڊيلا، انڊونيشيا جو سئيڪارنو، پي ايل او جو ياسر عرفات، لبيا جو ڪرنل قذافي، ھندوستان جي مسز انڌرا گانڌي، برطانيا جو مارگريٽ ٿيچر، ملائيشيا جو مھاتير محمد ۽ الجزائر جو صدر ابو محي الدين شامل آھن پر سياسي تاريخدانن جو خيال آهي ته پاڪستان جو شھيد ذوالفقار علي ڀٽو دنيا جي ڏھن ملڪن ۽ ايشيا جو سڀ کان وڏي ۾ وڏو ليڊر ھو، ڀٽو صاحب بي شمار صلاحيتن جو مالڪ ھو، ھن جي يادداشت تمام تيز ۽ حيران ڪندڙ ھئي، ھن کي سڄا پڙهيل ڪتاب ياد رھندا ھئا، ڀٽو صاحب ٽيبل ٽاڪ جو وڏو ماھر ھو، مخالفن کي مذاڪرات جي دوران شڪست ڏيڻ جو صلاحيت رکندڙ ۽ عوامي جلسن ۾ عوام جي دلين کي کٽيندڙ ليڊر ھو، ذوالفقار علي ڀٽو بي انتھا حاضر دماغ ۽ حاضر جواب به هو، ھن جي حاضر دماغي جا 2 مثال پيش ڪريان ٿو، 1963 ۾ جڏھن شھيد ڀٽو پرڏيهي وزير جي حيثيت ۾ آمريڪا جي دوري تي ويو اتي ھن جي ملاقات ان وقت جي صدر جان ايف ڪينيڊي سان ٿي، صدر ڪينيڊي ڀٽو صاحب جي ذھانت کان ڏاڍو متاثر ھو، صدر ڪينيڊي ڳالهين دوران ڀٽو صاحب کي چيو ته مسٽر ڀٽو جيڪڏهن اوھان آمريڪن شھري ھجو ھا ته اوھان يقينن آمريڪا جا وزير ھجو ھا، ان تي شهيد ڀٽي فوري جواب ڏيندي چيو ته مسٽر پريذيڊنٽ جيڪڏهن مان آمريڪا جو شھري ھجان ھا ته آمريڪا جو وزير نه پر آمريڪا جو صدر ھجان ھا، صدر ڪينيڊي وري ڀٽو صاحب کي مخاطب ٿيندي چيو ته مسٽر ڀٽو اوھان کي خبر آهي ته اوھان دنيا جي پاور هيڊ ڪوارٽر وائٽ ھائوس ۾ بيٺا آهيو؟ ڀٽو صاحب چيو ھا مون کي خبر آھي ته اڄ دنيا جو پاور هيڊ ڪوارٽر وائيٽ هائوس منهنجي قدمن جي هيٺان آھي. بھرحال شھيد ذوالفقار علي ڀٽو دنيا جو عظيم  ۽ بھادر اڳواڻ ھو. ھن کي پنھنجا ويجها دوست مشورو ڏيندا ھئا ته سائين اوھان آمريڪا سان ٽڪر نه کائو، ڇاڪاڻ ته آمريڪن انتقام وٺڻ واري معاملي ۾ وڏا سنگدل آھن، ان کان علاوه سرمائيداري جي خلاف به نه ڳالھايو، دنيا جا تاجر ۽ سرمائيدار طبقو اوھان جا دشمن ٿي ويندا. مذهبي جماعتن خلاف به نه ڳالهايو ۽ فوج کي به بيرڪن تائين محدود نه ڪريو، ٻي صورت ۾ فوج ۽ مذهبي جماعتون اوھان جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏيندا، ان ڪري ڪجھ نرمي ڪريو ته جيئن سسٽم ھلندو رھي، ان تي ڀٽو صاحب جواب ۾ چوندو ھو ته منھنجي به دل چوي ٿي ته مان مصلحت سان هلان پر ڇا ڪريان جڏھن مان لاڙڪاڻي، لاھور، پشاور ۽ بلوچستان جي شھرن ۽ ٻين پٺتي پيل علائقن جي غريب هارين ۽ مزدورن جي حالتن کي ڏسندو آهيان ته بيوس ٿي ويندو آهيان ۽ مان پاڻ کان سوال ڪندو آهيان ته ڇا ذوالفقار تون به مصلحت کان ڪم وٺندين؟ ته پوءِ ھن غريب ۽ بي سھارا قوم جي تقدير ڪير تبديل ڪندو۔ بھرحال اڄ شهيد ڀٽي جو 92 ھون يوم ولادت آهي، ان ڪري شهيد ڀٽو جي زندگي ۽ ڪارنامن تي روشني وجھڻ تمام ضروري آھي، شھيد ڀٽو خلاف سازشن جو سلسلو ان وقت شروع ٿيو، جڏھن 1976 ۾ آمريڪا جي پرڏيهي وزير هينري ڪسنجر پاڪستان جي دوري تي آيو ھو، هينري ڪسنجر ڀٽو صاحب سان ملاقات دوران پاڪستان کي ائٽمي قوت بڻائڻ تي پنھنجي تحفظات جو اظھار ڪيو هو، ڀٽو صاحب آمريڪي پرڏيهي وزير کي کتو جواب ڏنو، جڏھن هينري ڪسنجر واپسي مھل جھاز تي سوار ٿي رهيو ھو ته ھن ڀٽي صاحب کي مخاطب ٿيندي چيو ته جڏھن ريل سامھون اچي وڃي ته عقلمند ماڻهو پٽڙي کان هٽي ويندو آهي پر توھان ياد رکو، اسان توھان کي نشان عبرت بنائينداسين. پر ڀٽو صاحب پنهنجي فيصلي ۽ اصولن تي اٽل رهيو، ان ڪري سامراجي قوتن انهي ڏينهن ڀٽو صاحب کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. جڏھن 7 مارچ 1977 تي شهيد ذوالفقارعلي ڀُٽي ملڪ اندر چونڊون ڪرايون ته ان وقت جي چونڊن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽِي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي پر مخالف ڌر سان تعلق رکندڙ 09 جماعتن تي ٻڌل پاڪستان قومي اتحاد ڌانڌلين جا الزام مڙهي نتيجن کي تسليم نه ڪيو، اهڙي طرح قومي اتحاد عرف 9 ستاري سان تعلق رکندڙ جماعتن ڌانڌلين جا الزام هڻي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي چونڊيل حڪومت خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪري ڏني، ان احتجاج ڪري ملڪ اندر وڳوڙن وارو دور شروع ٿي ويو، اهڙن حالتن جي باوجود به شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي مخالف ڌر سان ڳالهيون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، شهيد ذوالفقارعلي ڀُٽي جي سياسي بصيرت ۽ تدبر جي ڪري قومي اتحاد جا اڳواڻ ڳالهين لاءِ راضي ٿيا، قومي اتحاد جي اڳواڻن کي ڳالهين جي ٽيبل تي آڻي شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي هڪ اهم ڪارنامو سرانجام ڏنو، ڳالهين جي ڪري پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت ۽ مخالف ڌرجي وچ ۾ ملڪ اندر نئين سر چونڊون ڪرائڻ لاءِ اتفاق ٿي ويو هو، 04 جولائي1977 تي ٻنهي ڌرين پاران هڪ معاهدي جو ڊرافٽ به تيار ڪيو ويو پر بدقسمتي سان ان وقت جي فوجي سربراهه جنرل ضياءَ جيڪو اڳواٽ ئي سامراجي قوتن سان ملي چڪو هو ۽ هن اقتدار تي قبضي ڪرڻ لاءِ منصوبو جوڙي ڇڏيو هو، جنرل ضياءُ الحق پنهنجي سازشي منصوبي تحت اقتدار تي قبضي لاءِ 05 جولائي 1977 تي رات جي اونداهي ۾ شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو جي منتخب ۽ جمهوري حڪومت کي ختم ڪري ملڪ اندر مارشل لا نافذ ڪري ڇڏيو، اهڙي طرح ملڪ جي چونڊيل وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ذوالفقارعلي ڀُٽو کي گرفتار ڪري پنجاب جي شهر ڪوهه مري ۾ قيد ڪيو ويو، جنرل ضياءُ الحق 1973جي آئين کي معطل ڪري ڇڏيو، 05 جولائي 1977 تي ملڪ اندر وري ٻيهر آمريت جو دور شروع ٿي ويو، هي آمريت ملڪ جو سڀ کان طويل ترين آمريتي دور هو، جنرل ضياءَ رات جي انڌيري ۾ هڪ ڌاڙيل ۽ رهزن جيان واردات ڪري چونڊيل جمهوري حڪومت کي ختم ڪري مارشل لا هڻي پاڪستان کي وري هڪ ڌُٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو، جنرل ضياءَ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان ذاتي دشمني ۾ ايترو ته انڌو ٿي ويو هو جو هن شهيد ڀٽي کي جسماني طور تي ختم ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو هو.

اڄ 5 جنوري 2020 آھي، هِن ڏينهن تي دنيا جي عظيم اڳواڻ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني چيئرمين شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو 92ھون جنم ڏينهن پوري پاڪستان ۾ ملھايو پيو وڃي، خاص ڪري شھيد ڀٽو جو يوم ولادت ڳڙھي خدا بخش ۾ وڏي جوش ۽ خروش سان ملھايو پيو وڃي پر ھن دفعي پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت لاءِ اڳ جي ڀيٽ ۾ ڪجھ چئلنجز آھن، جن ۾ نيب جي ڪاري قانون کان علاوه آرمي ايڪٽ جي منظوري به پڻ شامل آهي. نيب ۽ نيازي سرڪار پارٽي قيادت کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ جھڙي نموني سان پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جا ڪيس ڪراچي مان اسلام آباد منتقل ڪري ھڪ جنگ جو ماحول پيدا ڪيو، بھرحال ان سمورن ڳالهين کي نظر ۾ رکندي پارٽي کي فيصلو ڪرڻ گھرجي ۽ اصولن تي ڪا به سوديبازي نه گھرجي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ھزارين ڪاڪنن جي قربانين، شھيد ڀٽو ۽ شھيد بي بي جي فلسفي جو امين آهي، ان ڪري سليڪٽيڊ وزيراعظم ۽ سليڪٽرن جي منصوبي کي ناڪام بڻائڻ ۾ اھم ڪردار ڪندو. ھر وقت ملڪي مفادن جو راڳ آلاپي پنھنجا مقصد حاصل ڪرڻ جو ھي سلسلو ڪيتري عرصي تائين جاري رھندو؟ منهنجي نظر ۾ آمريت جو دروازو ٻيھر کوليو پيو وڃي ۽ جمھوري قوتن کي ناقابل تلافي نقصان ٿيندو، پارليامينٽ ڪمزور ٿيندي.

اڄ 05 جنوري 2020 تي شھيد ڀٽو جي سالگرھ جو ڏينهن ملھايو پيو وڃي. دنيا جو عظيم اڳواڻ ذوالفقار علي ڀُٽو 05 جنوري 1928 تي جنم ورتو، هن سر شاهنواز ڀٽو جي گهر ۾ اک کولي، قائد عوام شهيد ذالفقار علي ڀٽو پنهنجي عملي سياسي زندگي جو آغاز  سڪندر مرزا جي دور ۾ شروع ڪيو هو، شهيد ذوالفقارعلي ڀُٽي 25 آڪٽوبر 1957 تي اقوام متحده ۾ عالمي امن جي اهميت تي هڪ پرجوش ۽ بامقصد تقرير ڪري ملڪي ۽ غيرملڪي ميڊيا کي متاثر ڪري ڇڏيو، ڪجهه عرصي بعد هڪ ڀيرو ٻيهر شهيد ذوالفقارعلي ڀُٽي کي اقوامِ متحده ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ جو اعزاز مليو، اهڙي طرح شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو نه صرف پاڪستان بلڪه پوري دنيا اندر مشهوري ماڻي ورتي، سڪندر مرزا جي حڪومت ختم ٿيڻ کان بعد جڏهن جنرل ايوب خان اقتدار ۾ آيو ته هن به شهيد ذوالفقارعلي ڀُٽو جي قابليت ۽ سياسي تدبر کان متاثر ٿي شهيد ڀُٽي کي درخواست ڪئي ته هو ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي خدمت لاءِ سندس ڪابينا ۾ شامل ٿئي، قائد عوام ذاوالفقارعلي ڀُٽي عوام جي خدمت خاطر ۽ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ جنرل ايوب خان جي درخواست کي قبول ڪندي وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿي ويو، محمد علي بوگره جي وفات بعد شهيد ڀُٽو کي وزير خارجه مقرر ڪيو ويو، شھيد ڀٽو 1963 کان 1966 تائين ان عهدي تي فائز رهيو، شهيد ڀُٽي ڪشمير جي مسئلي تي جنرل ايوب خان سان اختلاف ڪندي 1966 ۾ مستعفي ٿي ايوب ڪابينا کان الڳ ٿي ويو، اهڙي طرح هن ايوبي آمريت کي پِڻ للڪاريو، شهيد ذوالفقارعلي ڀُٽو ايوب ڪابينا کان ڌار ٿيڻ کان بعد هڪ مختصر عرصي اندر عوام جي حقن ۽ ايوبي آمريت جي خاتمي لاءِ 1967 ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جو بنياد وڌو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مسلسل سياسي جدوجهد ۽ اڻٿڪ محنت جي ڪري نيٺ جنرل ايوب خان اقتدار کان الڳ ٿي ويو پر هن ويندي ويندي اقتدار هڪ ٻئي آمر جنرل يحى خان جي حوالي ڪري ڇڏيو، جنرل يحيٰ خان اقتدار جي واڳ سنڀاليندي ئي ون يونٽ کي ختم ڪرڻ ۽ ملڪ اندر عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اهڙي طرح پاڪستان اندر 1970ع ۾ عام چونڊون ڪرايون ويون، 1970 وارين چونڊن ۾ شهيد ذوالفقارعلي ڀُٽو پاڻ 05 سيٽن تان ڪاميابي ماڻي ورتي، جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي اولهه پاڪستان ۾ اڪثريتي جماعت جي حيثيت ۾ سامهون اچي وئي. جڏهن ته اوڀر پاڪستان ۾ شيخ مجيب الرحمٰن جي پارٽي عوامي ليگ ڪاميابي ماڻي ورتي پر افسوس ته جنرل يحيٰ خان جي غلط پاليسين ۽ اوڀر پاڪستان ۾ فوج ڪشي جي ڪري اقتدار عوام جي منتخب نمائندن حوالي ٿي نه سگهيو، جنهن جي ڪري پاڪستان ٽُٽِي ٻه اڌ ٿي ويو. پاڪستان ٽُٽڻ بعد باقي بچيل اولهه پاڪستان جيڪو هن وقت اسلامي جمهوريه پاڪستان آهي، ان جون واڳون شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي حوالي ڪيون ويون، جنرل ايوب خان ۽ جنرل يحيٰ خان جي غلط پاليسين ۽ بنگالي عوام تي ظالماڻين ڪارروائين جي ڪري پاڪستان بدقسمتي سان ٻن حصن ۾ تقسيم ٿي ويو.

ذوالفقار علي ڀُٽو پنهنجي دور اقتدار ۾ جيڪي ڪارناما سرانجام ڏنا، ان ۾ ملڪ کي متفقه طور تي 1973ع جو دستور ڏيڻ، پاڪستان اسٽيل ملز جو قيام، ٽيڪسلا ۾ هيوي مڪينيڪل ڪامپليڪس جو قيام، لکين بيروزگار ماڻهن کي ٻاهرين ملڪن ۾ روزگار ڏيارڻ، بي زمين هارين ۾ زمين ورهائڻ، ميٽرڪ تائين تعليم مفت ڏيارڻ ۽ مزدورن جي ڀلائي لاءِ ليبر پاليسي کان علاوه ٻيا کوڙ سارا منصوبا شامل آهن، شهيد ڀٽو جي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ملڪ معاشي طور تي مڪمل تباهه ٿي چڪو هو پر هن پنهنجي ڏاهپ، همٿ ۽ غيرمعمولي قيادت ۽ صلاحيتن جي ڪري پاڪستان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو، ذُوالفقار علي ڀُٽو جي دور ۾ عالمي سطح تي پاڪستاني قوم جو تشخص اجاگر ٿيو ۽ پاڪستان جي نئين سر اڏاوت ۽ تعمير جو دور پڻ شروع ٿيو، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي عالم اسلام کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ لاءِ 1974ع ۾ مسلمان ملڪن کي گڏ ڪري اسلامي سربراهه ڪانفرس ڪوٺائي، جيڪو هڪ اهم ۽ عظيم ڪارنامو آهي! بھرحال اڄ قائد عوام ذالفقار علي ڀُٽي جي سالگرھ کي پوري ملڪ اندر ملهايو پيو وڃي، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ڪڏهن به اصولن تي سوديبازي نه ڪئي، هن فوجي آمرن جنرل ايوب خان کان وٺي جنرل ضياءَ تائين سڀني آمرن جو دليري سان مقابلو ڪيو. اڄ جيڪڏهن پاڪستان اسلامي دنيا جي واحد ائٽمي قوت آهي ته اهو فقط شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو جي ڪري آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو جو دور پاڪستان جي تاريخ جو اهم ۽ سنهري دور هو، شھيد ڀٽو ھڪ مدبر ۽ دُورانديش سياستدان ھو، اڄ هو اسان سان جسماني طور تي گڏ نه آهي پر پاڪستان توڙي عالمي دنيا جي مظلوم ۽ غريب عوام جي دلين تي راڄ ڪري رھيو آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي اڄ به ملڪ جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي پارٽي آهي، ان ڪري پاڪستان پيپلزپارٽي جي موجوده قيادت خاص ڪري چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين اڳوڻي صدرِ پاڪستان آصف علي زرداري کي گهرجي ته شهيد ڀُٽي جي سياسي فڪر ۽ نظريي مطابق فيصلا ڪڪن ۽ ڪنهن به مصلحت پسندي جو شڪار نه ٿين. پارٽي قيادت کي گھرجي ته پاڪستان پيپلزپارٽي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پارٽي جي قرباني ڏيندڙ ورڪرن کي عزت ۽ جائز مقام ڏنو وڃي، پاڪستان ۾ اڄ به سياست جو محور شھيد ڀُٽو جي حامي ۽ شھيد ڀُٽو جو مخالف گروپن ۾ ورهايل آهي، ان ڪري پاڪستان پيپلزپارٽي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سينئر ۽ قرباني ڏيندڙ ڪارڪنن کي جائز مقام ڏيڻ تمام ضروري آهي. اميد ته پارٽي جو نوجوان چيئرمين ۽ شھيد بي بي جو لال بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي عظيم نانا شھيد ڀٽو ۽ پنهنجي والد شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڏسيل راھ تي ھلي جمھوري قوتن ۽ پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو