ايران بحري جهاز قبضي ۾ وٺي 16 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي پاسداران انقلاب جي اهلڪارن تيل جي اسمگلنگ جي شڪ ۾ هڪ بحري جهاز قبضي ۾ وٺي 16 ملائيشين باشندن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايران جي سرڪاري نشرياتي اداري آءِ آر آءِ بي جي ويب سائيٽ موجب محافظن ابو موسيٰ جزيري کان 15 ميل پري 13 لک ليٽر اسمگل ٿيل تيل سان ڀريل جهاز کي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي. پاسداران انقلاب جي نيول ڪمانڊر برگيڊيئر جنرل علي جو چوڻ هو ته جهاز جي عملي جا 16 ماڻهو جيڪي ملائيشيا جا باشندا آهن انهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته ابو موسيٰ خليجي ڏکڻ جي ان 3 جزيرن مان هڪ آهي جنهن تي ايران جو ڪنٽرول آهي پر ان جي دعويٰ متحده عرب امارات ڪندو آهي. سيپٽمبر جي مهيني ۾ ايران آبنائي هرمز کان به هڪ ٻيڙي کي قبضي ۾ وٺي 12 فلپائيني عملي کي تيل جي اسمگلنگ جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو هو. جولاءِ ۾ پاسداران انقلاب هڪ غير ملڪي ٽينڪر کي سمنڊ جي خليجي حد 14 مان تيل جي اسمگلنگ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو هو. ساڳئي مهيني ۾ ايران هڪ ٻئي ٻيڙي کي قبضي ۾ ورتو هو جنهن ۾ 7 غير ملڪي موجود هيا انهن کي به گرفتار ڪيو هو پر انهن جي سڃاڻپ ظاهر نه ڪئي هئي. خليجي رياستن ۾ هلندڙ سال ڇڪتاڻ ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو جڏهن ته آمريڪا 2018 ۾ ايران سان گڏ جوهري معادي کي ختم ڪندي ان خلاف دٻاءُ وڌائڻ جي مهم جو آغاز ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو