پائيدار ترقي ۾ خلائي سائنس جو ڪردار ۽ سنڌ جي زراعت…

پائيدار ترقي ۾ خلائي سائنس جو ڪردار ۽ سنڌ جي زراعت…

رحمتُ الله ٻرڙو
دنيا ھن ڊيجيٽل دور ۾ جيئن جيئن تيزيء سان ترقي جي رفتار اڳي کان اڳري،بھتر کان بھترين ڏئي رھي آھي،تہ اتي وري ھن جديد ٽيڪنالوجي جي اثرن ھيٺ ڪيترائي ٻيا مختلف مسئلا بہ پيدا ڪيا آھن.انھن مسئلن،بيمارين ۽ اثرن جو ڄڻ تہ ڪو انت شر ئي ناھي.انھن مسئلن ۽ بيمارين جو وڏو نالو ڪلائيميٽ چينج يعني موسمياتي تبديليون.ھي موسمياتي تبديليون فقط ۽ فقط ترقي پذير ملڪن جو مسئلو ناھي،جن وٽ وسيلن جي کوٽ ۽ ترقي جي رفتار واري صلاحيت جديد دور جي ھم آھنگ ٽيڪنيڪل گھٽ آھي.اھو ڪلائيميٽ چينج جو مسئلو ترقي يافتہ دنيا لاء بہ آھي.ان سلسلي ۾ ترقي يافتہ ملڪن سائنسي بنيادن تي،تحقيقي بنيادن تي ۽ ٽيڪنالوجي جي سھولتن واري بنياد تي ڪافي حل ۽ گھرجون پوريون ڪرڻ جا طريقا ڳولھي لڌا آھن.گذريل ڏينھن ھڪ خبر پڙھي تہ پاڪستان جيڪو پنھنجي علائقائي ۽ عالمي سطح تي سدائين حالتن جو بھتر کان بھتر مقابلو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ھوندو آھي،سو پائيدار ترقي ۾ خلائي سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جھڙي موضوع تي عالمي سطح جي ھڪ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ وجي رھيو آھي.جنھن جو اھم مقصد پائيدار ترقيء جا رستا ڳولھڻ آھي.پائيدار ترقي جي عالمي بحث ۾ هاڻي خلائي سائنس ۽ سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجي کي هڪ مرڪزي مقام حاصل ٿي چڪو آهي.دنيا جا ترقي يافته ملڪ ته اڳ ئي خلائي ذريعن مان ڊيٽا، تجزيا ۽ اڳڪٿيون حاصل ڪري پنهنجي معيشت، زراعت،آبي وسيلن ۽ آفتن جي انتظام کي مضبوط بڻائي چڪا آهن،پر هاڻي ترقي پذير ملڪ به تيزي سان هن شعبي ڏانهن وڌي رهيا آهن. سپارڪو پاران 18 نومبر 2025 تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جتي 25 ملڪن جا لڳ ڀڳ 70 نمائندا شرڪت ڪندا.ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان خاص طور تي سنڌ جي زرعي ۽ آبي نظام لاءِ خلائي ڄاڻ کي وڌيڪ منظم نموني استعمال ڪرڻ جي طرف وڌي رهيو آهي.موسمياتي تبديلي ۽ خلائي ڊيٽا: مستقبل جي پاليسين جو بنياد،موسمياتي تبديليءَ جي ڪري سنڌ ۾ گرمي پد جو وڌڻ، برساتن جا غير يقيني نمونا ۽ درياهه جي وهڪرن ۾ شديد گھٽ وڌائي زرعي معيشت لاءِ وڏو خطرو بڻيل آهي. سيٽلائيٽ ڊيٽا هينئر عالمي سطح تي موسمي اثرن، بخارات جي شرح، مٽي جي نمي، ۽ درياهن جي مانيٽرنگ لاءِ سڀ کان معتبر ذريعي طور استعمال ٿي رهي آهي.سنڌ ۾ جيڪڏهن خلائي ڊيٽا کي ضلعي سطح جي موسمياتي ماڊلز سان ڳنڍيو وڃي، ته پوک جي موسم، پاڻي جي ورڇ ۽ خشڪ سالي جي اڳڪٿي تمام گهڻي درست ٿي سگهي ٿي. اهڙي اڳڪٿي سان نه صرف زرعي نقصان گهٽجي سگهي ٿو پر پاڻي جي موثر انتظام جا امڪان به وڌي سگهن ٿا.غذائي تحفظ ۽ جديد زرعي حڪمت عمليون.سنڌ جو زرعي دارومدار گهڻو ڪري ڪڻڪ، چانورن، ڪپهه ۽ ڪمند جي پوک تي آهي، پر غيرمستحڪم موسم ۽ پاڻي جي کوٽ غذائي تحفظ لاءِ وڏو خطرو بڻجي چڪو آهي. سيٽلائيٽ امیجرز ۽ رِموٽ سينسنگ ذريعي پوک جي صحت،پيداوار جو اندازو ۽ مٽي جي تبديليءَ جا رجحان وقت سر معلوم ڪري سگهجن ٿا.ڪپهه ۽ چانورن جي پوک ۾ بيمارين جي اڳڪٿي، پاڻي جي صحيح مقدار، ۽ فصل جي وڌندڙ نقصان جي جلد سڃاڻپ وارو سسٽم پاڻي ۽ زراعت ٻنهي ۾ انقلاب آڻي سگهي ٿي. سپارڪو جي رڪارڊ موجب ريئل ٽائيم مانيٽرنگ سان سنڌ جي زرعي پيداوار ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15-20 سيڪڙو بهتري ممڪن آهي، جيڪڏهن سرڪاري پاليسين سان ڊيٽا کي ڳنڍيو وڃي.آفتن کان بچاءُ:سنڌ لاءِ هڪ اهم ضرورتسنڌ ۾ ٻوڏن جو خطرو گذريل ڏهاڪي کان وڌي چڪو آهي. 2010 ۽ 2022 جون ٻوڏون ظاهر ڪن ٿيون ته انتظامي نظام کي جديد اوزارن جي ضرورت آهي. سيٽلائيٽ ڊيٽا ذريعي:ندي نالن جي اوچائيپاڻي جي وهڪري جا رخدرياهه جي ڪنارن جي ڪمزوري،ٻوڏ جي شدت ۽ پکڙجڻ.دورانِ برسات بچاءُ لاءِ حساس علائقن جي سڃاڻپ تمام آسان ٿي وڃي ٿي.جيڪڏهن سنڌ جي Irrigation نظام کي سپارڪو سان مستقل ڊيٽا شيئرنگ ۾ ڳنڍيو وڃي،ته بندن جي نگراني،واهن جي صفائي ۽ پاڻي جي وهڪري جو هڪ جامع نظام قائم ٿي سگهي ٿو،جيڪو انساني ۽ معاشي نقصان گھٽائڻ ۾ مددگار ٿيندو.پائيدار انفراسٽرڪچر ۽ شهري منصوبابندي,سنڌ جا شهري مرڪز.ڪراچي،حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻو—تيزي سان وڌي رهيا آهن. شهري منصوبابندي ۾ سيٽلائيٽ نقشن جو استعمال:غيرقانوني آبادڪاري کي روڪڻنئين هاء ويز، ريليويز ۽ هائوسنگ اسڪيمز جي جاگرافيائي جائزيپاڻي ۽ نالن جي لائيننگ جو سڌارو،ڪراچي جي ڪچري واري بيهڪ،ٽريفڪ وهڪري ۽ فضائي آلودگي جي نگرانيجهڙن معاملن ۾ لازمي بڻجي چڪو آهي.سنڌ جي زراعت ۽ آبپاشي نظام، خلائي ٽيڪنالاجي سان امڪاني سڌاراسنڌ جو آبپاشي نظام اڃا به گهڻو ڪري روايتي طريقن تي قائم آهي.واهن جي ٽٽل بندش،پاڻي جي چوري،۽ غيرمنصفاڻي ورڇ سان زرعي پيداوار متاثر ٿئي ٿي.جڏھن تہ دريھي برجز ۽ بئراجز جي خستہ حالت،درياھ جي ٻنھي پاسي بندن ج ڪمزور صورتحال کي خلائي ٽيڪنالاجي جي مدد سان واهن جي سڃاڻپپاڻي جي ورڇ جي حقيقي وقت ۾ مانيٽرنگزرعي زمينن جي ماپ ۽ غيرقانوني قبضاٿر ۽ اتر سنڌ ۾ خشڪ علائقن جي پاڻي جي ضرورتن جو تجزيوممڪن ٿي سگهي ٿو.هي نئون علم سنڌ جي آبي پاليسين،آبپاشي کاتي ۽ زراعت کاتي لاءِ نئون رخ ڏياريندو.سپارڪو جي ھيء عالمي ڪانفرنس علائقي لاءِ نئون امڪان پيدا ڪري سگھي ٿي.18 نومبر 2025 تي ٿيندڙ سپارڪو ڪانفرنس ۾ 25 ملڪن جا 70 نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن.هي ڪانفرنس موسمياتي تبديلين جي خطري،زرعي تحفظ،کاڌ خوراڪ جو تحفظ،آفتن جي اڳڪٿي،شهري منصوبابندي،پاڻي جي منصفاڻي ورڇجهڙن مسئلن تي بين الاقوامي تجربي کي پاڪستان سان شيئر ڪرڻ لاءِ هڪ اهم فورم ثابت ٿيندي.ھوڏانھن سپارڪو جي ماهرن موجب هي ڪانفرنس پاڪستان خاص طور تي سنڌ کي خلائي ٽيڪنالاجي جي بنياد تي پاليسي،تحقيق ۽ نون منصوبن جي شروعات ۾ مدد ڏيندي.خلائي سائنس رڳو چنڊ ۽ تارن تائين رسائي جو نالو ناهي، پر اها هاڻي زراعت،پاڻي،ماحوليات،آفتن کان بچاءُ ۽ شهري ڊيولپمينٽ جو بنيادي اوزار بڻجي چڪي آهي.سنڌ لاءِ خلائي ڊيٽا ۽ سپارڪو جا جديد نظام نه صرف غذائي تحفظ کي مضبوط بڻائي سگهن ٿا پر آبپاشي ۽ ماحولياتي نظام کي پائيدار ترقي ڏانهن به وٺي وڃن ٿا.پاليسي سازيءَ ۾ جيڪڏهن خلائي ڊيٽا کي سنجيده نموني شامل ڪيو ويو، ته سنڌ نه صرف موسمياتي خطري کي منهن ڏئي سگهي ٿي، پر مستقبل جي زرعي ۽ انفراسٽرڪچر منصوبن ۾ به اڳڀرائي حاصل ڪري سگهي ٿي.دنيا جي مالياتي ادارن ۽ ملڪن مان موسمياتي تبديلن واري اثرن جو مقابلو ڪرڻ لاء جيڪا بجيٽ يا فنانسنگ اچي رھي آھي ان کي قومي حڪومت ۽ قومي حڪومت سان گڏ سنڌ حڪومت جي ذميوارن کي کپي تہ انھن حالتن جو مقابلو ڪرڻ لاء مڪمل تياريون ڪري انھن مٿي گھربل ضرورتن کي سامھون رکي منصوبابندي ڪئي وجي.تہ جيئن ڪنھن بہ اڻٽر صورتحال جو وقت سر مقابلو ڪري سگھجي.سنڌ حڪومت جي زراعت کاتي ان سلسلي ۾ 2018 ٽو 2030 واري زرعي پاليسي کي سامھون رکي بھتر زرعي سدارن ۽ پائيدار ترقي واري حڪمتي عملي جوڙي آھي.ان سلسلي ۾ سيڪريٽري زراعت سنڌ محمد زمان ناريجي جو خيال آھي تہ سنڌ حڪومت زراعت کي ھٿي ڏيارڻ لاء تمام تر ڪوشش ۾ آھي تہ موجودھ ھن ٽيڪنالوجي جي دور ۾ موسمياتي تبديلين جو جيترو بھتر انداز ۾ مقابلو ڪجي سو ڪجي.ان سلسلي ۾ زراعت کاتو پنھنجي مختلف شعبن ۾ ڪم تيز ڪري ڏنو آھي.جنھن ۾ واٽر ڪورسز کي بھتر کان بھتر ڪري پاڻيء جي کوٽ کي پورو ڪرڻ،زرعي تحقيق وارن سينٽرن کي اپڊيٽ ڪري سھولتون ڏيڻ ء نتيجا وٺڻ.ھوڏانھن تازو سنڌ ۾ آبادگارن کي جيڪا سنڌ حڪومت 55 ارب کان مٿي ڊي اي پي ۽ يوريا جي مد ۾ سبسڊي ڏني
سا بہ ھڪ وڏي مدد آھي.زراعت جي بھتر پيداوار لاء اھڙا بيشمار قدم کڻي سگھجن ٿا.ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر جنرل ايگريڪلچر ايڪسٽينشن الھورايو رند ٻڌايو تہ بلڪل بہ ڪلائيميٽ چينج دنيا جي زراعت کي وڏو نقصان ڏنو آھي ۽ مٿي ڄاڻايل ڪانفرنسون ء پائيدار ترقيء جا حل ڳولھڻ بھتر عمل آھي.ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت جو زراعت جو کاتو رات ڏينھن محنت ڪري آبادگارن ۽ ھارين تائين سھڪار ۽ جديد لاڙن پٽاندڙ معلومات جي رسائي ڪري رھيو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو