شھدادڪوٽ (شاهد اعواڻ) زرعي انجئيئرنگ يونيورسٽي جي شاگردن جو پنهنجا حق نه ملڻ خلاف احتجاج. سنڌ ايگري انجنيئرنگ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي شاگرد اڳواڻن انجنيئر اشفاق وڌو، انجنيئر الطاف مينگل، انجنيئر مسعود مگسي ۽ ٻين چيو ته آبپاشي ادارن ۾ زرعي انجنيئرن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي جيڪا نه صرف زرعي انجنيئرن سان بلڪه سنڌ ۽ سنڌي عوام سان دشمني آھي. هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، وزيراعلىٰ سنڌ ، آبپاشي کاتي جي وزيرن سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيون ته اسان کي پنهنجا حق ڏئي پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.










