الماتي ۾ مسافر جهاز تباهه 14 مسافر فوت 22 زخمي

الماتي (ويب ڊيسڪ) قازڪستان ۾ مسافر جهاز  اڏام بعد فوري ٻه ماڙ عمارت تي ڪري تباهه ٿي ويو جنهن سبب 14 مسافر فوت ۽ 22 سخت زخمي ٿي پيا. فوڪر جهاز ۾ 98 مسافر ۽ عملي جا 5 ملازم سوار هئا. جهاز جي ڪرڻ جو فوري سبب معلوم ناهي ٿي سگهيو سول ايوي ايشن عملي جو چوڻ آهي ته جاچ شروع ڪئي وئي آهي. رن وي تان اڏام بعد ويجهو ئي هڪ ڳوٺ جي ٻه ماڙ گهر تي ڪرڻ سبب جهاز ٻه ٽڪر ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو