ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ سيل ٿيل عمارتن مان رهواسين کي سامان کڻڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اولڊ سٽي ايريا ۾ مختلف عمارتن جي رهواسين پاران عمارتن کي سيل ڪرڻ خلاف داخل ڪيل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ايس بي سي اي ٽيڪنيڪل ڪميٽي جا ميمبر پيش ٿيا، ٻڌڻي دوران جسٽس اقبال ڪلهوڙو پڇيو ته ماڻهو شڪايت ڪري رهيا آهن ته عمارتن کي خراب قرار ڏئي ماڻهن کي بي دخل ڪيو پيو وڃي، ٽيڪنيڪل ڪميٽي ڪيئن طئي ڪندي ته عمارت خراب آهي يا نه؟، ڪميٽي ميمبر عدالت کي ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪميٽي جي رپورٽ تي اعتبار نه ڪيو وڃي ته پوءِ ٽئين پارٽي جي ماهرن طرفان معائنو ڪري سگهجي ٿو. جنهن تي جسٽس اقبال ڪلهوڙو پڇيو ته توهان ايس بي سي اي جو حصو نه آهيو، هڪ آزاد ماهر جي حيثيت سان توهان کي ڪيترا پئسا ملندا آهن؟،ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي ميمبر انجنيئر عارف قاسم چيو ته کيس سفر لاءِ 5000 رپيا ملندا آهن. جسٽس اقبال ڪلهوڙو چيو ته کيس عمارت کي خراب قرار ڏيڻ تي صرف 5000 رپيا ملندا آهن؟ اهي ضرور 50000 رپيا اڳواٽ وصول ڪري رهيا هوندا.










