والد جي گرل فرينڊ جو ذڪر، ياسر ۽ ندا تي سخت تنقيد

والد جي گرل فرينڊ جو ذڪر، ياسر ۽ ندا تي سخت تنقيد

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)مشهور اداڪار ياسر نواز ۽ ٽي وي ميزبان ندا ياسر جي پٽ بالاج ياسر جي هڪ ويڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ، سوشل ميڊيا تي مٿن سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي. ويڊيو ۾ بالاچ ياسر پنهنجي والد جي گرل فرينڊ جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو آهي. مختصر ويڊيو ۾، بالاج ياسر کان ڪو ٻيو فرد پنهنجي والد جي گرل فرينڊ رکڻ بابت پڇي رهيو آهي، جيڪو صاف ٻڌائي ڏئي ٿو. ويڊيو ۾ ٻيو فرد نظر نٿو اچي، پر ان جو آواز صاف ٻڌائي ڏئي پيو، جيڪو ظاهر ڪري ٿو ته هو بالاج ياسر کان سوال ڪري رهيو آهي. آواز مان اندازو ٿئي ٿو ته سوال ڪندڙ فرد به ڇوڪرو ئي آهي، پر ان بابت ڪا تصديقي معلومات دستياب ناهي. سوال ۾ پڇي ٿو: ڇا صحيح ٿيندو ته تنهنجي والد جي ڪا گرل فرينڊ هجي؟” جنهن تي بالاج ياسر واضح “نه” چوي ٿو. ان کان پوءِ هو چوي ٿو: “گرل فرينڊ جو مطلب ٻي ماءُ هوندو آهي، نه ڇا؟ ان ڪري مان نه ٿو چاهيان ته منهنجي والد جي ڪا گرل فرينڊ هجي.” ندا ۽ ياسر نواز جي پٽ جي ويڊيو وائرل ٿيڻ تي، سوشل ميڊيا يوزرز شديد رد عمل ظاهر ڪندي ٻنهي اداڪارن کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. يوزرز پڇي رهيا آهن: “اهي ننڍڙن ٻارن جي تربيت ڪهڙي ڪري رهيا آهن؟” اڪثر يوزرز لکيو آهي ته “ايئن سوال ٻارن کان نه پڇبا آهن”، جڏهن ته ڪجهه ماڻهو چئي رهيا آهن ته “هاڻي کان ئي ٻارن جي ذهن ۾ اها ڳالهه وڌي پئي وڃي”. اها به خبر نٿي پوي ته ويڊيو ڪيتري پراڻي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو