لنڊن (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف برطانيا جي چئن ڏينهن جي دوري تي لنڊن پهچي ويو. شهباز شريف لنڊن جي لُٽن ايئرپورٽ تي پهتو. ان کان اڳ، هو سوئٽزرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ ڪجهه وقت لاءِ ترسيو هو، جتي هن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي. ذريعن موجب، هن نواز شريف کي تاريخي پاڪ-سعودي عرب دفاعي معاهدي جي تفصيلن کان به آگاهه ڪيو. نواز شريف هن وقت علاج لاءِ جنيوا ۾ آهي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ لنڊن پهچڻ جو امڪان آهي. ويجهن ذريعن موجب، وفاقي وزير اسحاق ڊار، خواجه آصف ۽ عطا تارڙ به شهباز شريف سان گڏ لنڊن پهچي ويا آهن.










