ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)سيڪيورٽي خدشن جي ڪري بلوچستان ۾ موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وئي آهي.اختيارين موجب، موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس اڄ رات 9 وڳي تائين معطل رهندي.ٻئي طرف، پشاور-ڪوئيٽا جعفر ايڪسپريس کي سبي ۾ روڪيو ويو.ريلوي اختيارين موجب، سيڪيورٽي خدشن جي ڪري جعفر ايڪسپريس کي سبي ۾ روڪيو ويو.اختيارين چيو آهي ته اڄ پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس کي به منسوخ ڪيو ويو آهي.










