اسلام آباد (بيورو رپورٽ) انٽر نيشنل اسلامڪ يونيورسٽي ۾ شاگردن جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي ۾ فوت ٿيل شاگرد طفيل احمد جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد کيس دفنايو ويو آهي. سندس جنازي نماز جماعت اسلامي جي امير سراج الحق پڙهائي. گذريل ڏينهن اسلامي جميعت طلبه ۽ سرائڪي اسٽو ڊنٽس وچ ۾ جهيڙو ٿيو هو. سرائڪي اسٽوڊنٽس جي صدر علي نقوي جو چوڻ آهي ته مٿس جميعت جي شاگردن حملو ڪيو جنهن ۾ هو زخمي ٿيو. جميعت وارن جو چوڻ آهي ته سرائڪين فائرنگ ڪئي جنهن ۾ سندن ڪارڪن فوت ٿيو. يونيورسٽي انتظاميا ٽن ڏينهن لاءِ عام موڪل ڪري يونيورسٽي بند ڪري ڇڏي آهي. پوليس جو چون آهي ته هنن 16 شاگردن کي گرفتار ڪري هاسٽلز جي تلاشي وٺي انهن کي ڪليئر ڪيو آهي.










