پنجاب ۾ هڙتال، وڪيلن ۽ ڊاڪٽرن جا هڪٻئي خلاف مظاهرا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ وڪيلن ۽ ڊاڪٽرن هڪ ٻئي خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا. ڪارا ڪوٽ ۽ سفيد ڪوٽ پهريل ٻئي پيشيور ڌريون هڪٻئي خلاف نعريبازي به ڪري رهيا هئا. پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيولوجي جي ڊاڪٽرن ۽ عملي جي خميس تي اسپتال ۾ حاضري گهٽ رهي. اسپتال ٻاهران رينجرز تعينات ڪئي وئي آهي. پنجاب بار ڪائونسل جي سيڪريٽري جي اپيل تي پنجاب ۽ اسلام آباد جي اڪثر عدالتن ۾ وڪيلن هڙتال ڪئي ۽ عدالتن ۾ پيش نه ٿيا. سنڌ جي ڪجهه شهرن ۾ به وڪيلن جزوي طور احتجاج ڪيو ۽ ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ وڪيلن احتجاج ڪيو.

هوڏانهن ٻئي پاسي وڪيلن جي لاهور جي دل واري اسپتال تي حملي جي سي سي ٽي وي فوٽيج جاري ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ ڏنڊا بردار وڪيلن کي آساني سان سڃاڻي سگهجي ٿو. ويڊيو ۾ ڊرپ اسٽينڊ کي ڏنڊا ٺاهي وڪيل گهمندا رهيا. هڪ وڪيل باهه وسائڻ وارو سلينڊر ڀت تان ڀٽي هيٺ اڇلايو. پوليس جو چوڻ آهي ته 250 وڪيلن خلاف دهشتگردي ايڪٽ، ڀڃ ڊاهه، حملي، ڊيوٽي اٽڪاءَ سميت مختلف جرمن هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان حملو ڪندڙ وڪيلن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي. هن وقت 52 وڪيلن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي جن جو رمانڊ ورتو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو